دنيا جي عظيم فلسفي روسو جي حياتيءَ جا آخري ورهيه نهايت ڏکيا گذريا. هر پاسي مسڪيني ۽ غربت هن جي گهر ۾ گهر ڪري ويون. ائين به چئي سگهجي ٿو ته اهي سڀ شيون هن پاڻ اختيار ڪيون هيون. انگلينڊ جي بادشاه جارج ٽئين کي جڏهن اها خبر پئي ته فلسفيءَ لاءِ ان ڪجهه وظيفو مقرر ڪيو، اهو پڻ هن فقط هڪ سال ورتو. الائي ڇو هن انهن پئسن مان فائدو نه پئي وٺڻ چاهيو! وظيفي جي رقم جمع ٿيندي رهي. ڏوڪڙ ڇهه ست هزار فرانڪ ٿيا ته فلسفيءَ جي هڪ دوست کي خيال آيو، جنهن ان رقم جو ڊرافٽ ٺاهي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. روسو کي خبر پئي ته ڪاوڙجي ويو. دوست کي معاملن ۾ دخل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيائين، اهڙي ريت اهو ڊرافٽ ضائع ٿي ويو. ڪجهه دوستن مشورو ڏنو ته پئسا وصول ڪيا وڃن، پر هن نه مڃيو.
سال 1777 ۾ غربت پنهنجا رنگ ڏيکارڻ لڳي. روسو جي طبيعت خراب ٿي وئي. ايتري تائين جو ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهيو. زال تريزي جون جسماني توانايون به تيزيءَ سان ختم ٿيڻ لڳيون. گهر جي هلائڻ ۽ سنڀال ۾ ڏکيائيون وڌي ويون. ٻنهي زال مڙس جا جهيڙا پڻ وڌي ويا. هنن وٽ ڪنهن ‘محتاج خاني’ ۾ پناهه کانسواءِ ڪو چارو نه بچيو. دوستن کي منٿون ڪرڻ لڳو. هڪ دوست کي ته خط لکي گذارش ڪيائين ته هنن کي ڪنهن محتاج خاني ۾ داخل ڪرائين، جيئن باقي زندگي سٺي ريت گذري سگهي. ان دوست اهو خط عام ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ ڪافي ماڻهن مدد ڪرڻ چاهي، پر هو انڪار ڪندو رهيو. آخرڪار مارڪوئس دي گراردن هن کي پيرس کان 20 ميل پري ارمنو ويل ڳوٺ ۾ رهڻ لاءِ راضي ڪيو. اهو 20 مئي 1778 جو ڏينهن هو. روسو پنهنجو ڪجهه سامان کڻي ڳوٺ پهتو. ڳوٺ جي فطري ماحول ۾ روسو کي مزو اچي ويو. جسماني ۽ ذهني ڪيفيت ڪجهه بهتر لڳس. ڳوٺاڻا به هن جو خيال ڪرڻ لڳا هئا. ٻئي طرف ماڻهن کي اها خبر پڻ پئي ته روسو، جيڪي مدد لا خط لکيا، اهي صرف بهانا هئا. اصل ۾ هو ماڻهن جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ چاهي پيو ۽ اهو پڻ ته ماڻهو هن جي تڪليف جو احساس ڪن.
ائين به ممڪن آهي ته جيڪڏهن هن کي محتاج خاني ۾ داخل ڪيو وڃي ها ته هو دانهون ڪري ها ته هڪ سازش هيٺ هن کي محتاج خاني ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. ڳوٺ ۾ ڪجهه ڏينهن سڪون سان رهڻ کانپوءِ روسو ۽ ان جي گهرواريءَ جا جهيڙا نئين سر وڌي ويا. روسو کي لڳو ته هو قيد خاني ۾ اچي ويو آهي. جولاءِ جي ٻين تاريخ، سال 1778 تي هڪدم سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. دنيا جو عظيم فلسفي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ دنيا مان موڪلائي ويو. ان صبح تي به پسار ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر ويو هو. موٽيو ته مٿي ۾ سور محسوس ڪيائين، ڪجهه دير ۾ ئي ڪري پيو. ڊاڪٽرن جي موجب دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب موت ٿيو. اچانڪ انتقال تي افواهن کي پير لڳي ويا. چيو ويو ته روسو، خودڪشي ڪئي آهي. ان وقت جي مضمون نگار مادام سيٽل، اخبار ۾ مضمون لکيو ته روسو، پاڻ کي ماريو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ پنجن ڊاڪٽرن جي بورڊ هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ته موت دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب ٿيو.
زان زاڪ روسو ڪير هو؟ اسان هن کي ڇو ياد ڪريون پيا. هن وقت هو جڏهن جسماني طور دنيا ۾ ناهي رهيو ته هن جون ڳالهيون هر روشن خيال، ترقي پسند معاشري ۾ ڳائجن پيون. روسو جو جنم سال 1712 ڌاري جنيوا ۾ ٿيو. جوانيءَ ۾ جنيوا کي خيرباد چئي انگلينڊ کان چڪر ڪاٽيندو فرانس پهتو. مادام وارنس جي نگرانيءَ ۾ موسيقي، فلسفي ۽ سياست جي تعليم حاصل ڪيائين. 1960 ۾ هن هڪ مضمون ‘سائنس ۽ آرٽس جو اخلاقيات تي اثر’ لکيو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. ٻئي سال ‘ايملي’ جي نالي سان ناول لکي تعليم جي اصولن ۽ طريقن تي بحث ڪيائين. 1762 ۾ The Social Contract لکيائين، جنهن ۾ هن حڪومت ۽ معاشري جي اصولن تي تبصرو ڪيو. هو چوندو ته انسان فطري طور آزاد ۽ نيڪ پيدا ٿيو آهي، سماج هن کي بَديءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو. روسو کي رومانيت جو باني به سمجهيو ويندو آهي. هن آزاد خياليءَ ۽ عام ماڻهن جي حقن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. اهو روسو ئي هو، جنهن جي نظرين فرانسيسي انقلاب جي اڳواڻن کي متاثر ڪيو. هن جي نظرين ۾ انساني برابري لاءِ تمام گهڻي شدت موجود آهي. هن جي خيال موجب معاشري جو ڍانچو انساني برابري لاءِ غير موزون آهي. هو چوندو هو ته، “انسان پيدا ته ٿيو آهي پر هر پاسي کان زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي”.
اهو ساڳيو دور هو، جنهن ۾ فرانس اندر هڪ ٻيو فلسفي والٽيئر پنهنجي تحريرن جي ذريعي ڪمال ڪري رهيو هو. روسو چيو ته ماڻهو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اتي والٽيئر ڳالهه ڪئي ته، “ماڻهو جڏهن زنجيرن سان پيار ڪرڻ لڳن ته ڪڏهن آزاد نه ٿي سگهندا”. روسو جي مقابلي ۾ والٽيئر جو اهو بيان انساني نفسيات ۽ سماجي روين جي گهري حقيقت کي بيان ڪري ٿو. اتي زنجيرن مان مطلب رڳو جسماني قيد نه پر ذهني، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي پابنديون به آهن، جن کي ماڻهو مقدر سمجهي سڄي حياتي ساڻ کڻي هلن ٿا. هن قول ۾ والٽيئر ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مظلوم جڏهن پنهنجي مٿان ظلم کي جائز سمجهڻ لڳن يا غلاميءَ کي تقدير سمجهيو وڃي ته آزاديءَ جو تصور ئي ختم ٿي ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن انسان پنهنجي ذهن جا دروازا پاڻ لاءِ بند ڪري ڇڏي ٿو، ڪير جيڪڏهن هن کي آزاديءَ طرف سڏي ته هو ان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو آهي يا ان مان خطرو محسوس ڪري ٿو. هي رويو، هر دور ۽ هر معاشري ۾ نظر اچي ٿو. خاص ڪري انهن قومن ۾، جيڪي صدين تائين انفرادي توڻي اجتماعي غلاميءَ ۾ رهيون آهن. زندگيءَ جو الميو هي آهي ته جڏهن فرد پنهنجي حالت مان مطمئن ٿي وڃي، چاهي هو ڪيتري به پستيءَ ۾ ڇو نه هجي. اهڙين حالتن ۾ تبديليءَ جي خواهش مورڳو مري ويندي آهي. والٽيئر جو هي قول اڄ جي معاشرن لاءِ اهم آهي. سوال هي آهي ته ڇا اسان واقعي به آزاد آهيون. يا اسان پنهنجي زنجيرن کي سينگاري پائي ورتو آهي. جيسيتائين غلاميءَ مان نفرت جو احساس پيدا نه ٿيندو، تيسيتائين هر انقلاب ٻه نمبر ۽ ان سڄي لقاءَ ۾ ڪابه تعليمَ، حقيقي آزادي نه ڏئي سگهندي. پنهنجي آس پاس ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو. اهو پڻ ته والٽيئر جو اهو قول نه صرف فرد جي ذهني غلاميءَ کي ظاهر ڪري ٿو، پر اسان جي سماج جي جمود کي به بيان ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه اسان جي ترقيءَ جي راهه وڏي رڪاوٽ آهي. رڪاوٽ جي نتيجي ۾ اسان وائڙائپ جو آسانيءَ سان شڪار ٿي وڃون ٿا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن جهان ۾ وائڙائپ کي سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي مشاهدي هيٺ آڻجي ته اندازو ٿي ويندو. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها، جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان گڏ پاڻ جنهن خطي ۾ رهون ٿا؛ ان ۾ انساني حياتي وڌيڪ آسان ۽ سهل ٿيندي وڃي ها، پر الائي ڇو پنهنجي تر ۽ گهر مٿان انڌيري رات ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي! سبب ڪهڙا آهن؟ سوشل سائنس جا ڄاڻو ان جو بهتر جواب ڏئي سگهن ٿا.
بظاهر ته اسان مان هر ماڻهوءَ بهتريءَ جو متلاشي آهي، پر هُن جي زندگيءَ مان روشنيون گهٽ ٿينديون پيون وڃن. ان جو مثال، هر ايندڙ سرڪار، گذريل حڪومت کان ڪارڪردگيءَ ۾ بدتر ٿي رهي آهي. ايتري قدر جو اهڙا آواز به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته، “انگريزن جي حڪومت ڀلي هئي!” توڻي جو انگريزن کي هتان وئي مُني صدي کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي. اهي سڀ اسان جي سماج جون سچايون آهن. سچائي هيءَ به آهي ته هر ماڻهو پنهنجي من ۾ ٻئي کي دوشي قرار ڏيندي ڪاوڙ ۾ ڀريو گهمندو وتي ٿو. جڏهن ته اصل حقيقت ۾ معاشرو، هاڻي ان نهج تي پهچي ويو آهي جو هر فرد پنهنجي اندر ۾ وڏو بدعنوان بڻيو پيو آهي. نظام ۾ رڳو سرمائيڪار ۽ وڏيرا ئي ڪرپٽ ناهن، پر عام مستريءَ کان مزدوري ڪندڙ، ننڍا واپاري، ڪمي ڪاسبي به پنهنجي اندر ۾ مٿئين درجي جا بدعنوان آهن. ظاهر آهي ته انهن حالتن کي ڏسي اندر ۾ اوندهه جو احساس تهائين وڌي وڃي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ سوچي خاموش ٿي ويهي رهون ٿا، ڇاڪاڻ ته روسو ۽ والٽيئر جهڙا سچا فلسفي ته اسان جي ڀاڳ ۾ هن وقت ناهن.