اسلام آباد(انٽرنسٽنگ نيوز) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پڌرو ڪيو آهي ته روز 2 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني انٽرنيٽ تي فحش مواد جي ڳولا ڪن ٿا. پي ٽي اي جي ترجمان موجب پاڪستاني اڃا تائين فحش مواد ڏسندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.  ان حوالي سان انڪشاف ٿيو آهي ته 2 ڪروڙ پاڪستاني روزانو فحش مواد ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن پاران انهن 2 ڪروڙ پاڪستانين جو فحش مواد ڏسڻ جي ڪوشش کي انٽرنيشنل گيٽ وي تي ناڪام بڻايو ويو. رپورٽ موجب پي ٽي اي هر روز 2 ڪروڙ اهڙيون ڪوششون ناڪام بڻائيندي آهي جڏهن ته فحش مواد تي ٻڌل 8 لک 44 هزار ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون ويون آهن. اهي ويب سائيٽون سال 2018 کان بلاڪ ڪيون ويون آهن. پر پاڪستانين پوءِ به انٽرنيشنل گيٽ وي تي پي ٽي اي جي بندش کي ٽوڙي ڇڏيو. پاڪستاني فحش مواد ڏسڻ لاءِ وي پي اين استعمال ڪندا آهن.