روز ڏهه هزار قدمن جو هدف … الطاف ابڙو

0
29
روز ڏهه هزار قدمن جو هدف ... الطاف ابڙو

 روزانه جي بنياد تي ڏهه هزار قدم پنڌ ڪرڻ صحت لاءِ تمام گھڻو فائديمند آهي. روزانو پنڌ توهان جي دل جي صحت کي بهتر بڻائي ٿو، توهان جي مشڪن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ توهان جي وزن کي متوازن رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿئي ٿو.

                         صحت جي ماهرن مطابق روزانو پنڌ ڪرڻ سان دل جي بيماري، ذيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙين دائمي بيمارين جو خطرو گهٽجي ويندو آهي. پنڌ ڪرڻ دماغي صحت کي به بھتر بڻائي ٿو، اھو ذهني دٻاءُ کي به گھٽائي ٿو، ۽ توهان جي موڊ کي بھتر ڪري ٿو ۽ سنجيدگي واري ڪم کي بھتر بڻائي سگھي ٿو. توهان جي روزاني معمول ۾ گھمڻ ڦرڻ کي شامل ڪري توهان پنهنجي هاضمي جي سرشتي کي بهتر بڻائي سگھو ٿا، انهي سان توهان جو ميٽابولزم جي ڪارڪردگي ۾ به سڌارو ايندو جنهنڪري توهان جي مجموعي صحت ته به خوشگوار اثر پوندا ۽ باقاعدي گھمڻ ڦرڻ جي ڪري نه صرف توهان جي ننڊ بهتر ٿيندي پر توهان جي توانائي جي سطح به انهي عمل سان بهتر کان بهترين ٿي ويندو.

ان بنيادي معلومات کان پوءِ اچو ته توهان کي ڪجهه اهڙن آسان ۽ اهم ترين طريقن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيون جن تي عمل ڪري ڪو به انسان روزانون ڏهن هزارن قدمن جي پنڌ وارو پنهنجو هدف آساني سان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿو.

پنڌ  ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ته اهو ضروري آهي ته تڪڙ نه ڪريو ۽ مشڪل ۽ ڊگھي هدفن جي بجاءِ پنهنجي وس آهر حقيقت پسندانه ننڍا هدف مقرر ڪريو جن تي توهان آساني سان عمل ڪري سگھو ۽ ان کي آهستي آهستي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن توهان نئون نئون پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ان جي شروعات پنجن هزارن قدمن سان ڪرڻ ئي بهتر رهندو نڪو هڪ دم ڏهه هزار قدمن واري هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ اٻهرائي سان ڪو فائدو ٿي سگھندو. انهي ريت توهان جو هدف توهان کي پريشان به نه ڪندو ۽ توهان بنا ڪنهن به ٿڪاوٽ جي ۽ پريشاني جي يا پاڻ کي ايذائڻ يا نقصان رسائڻ جي مقرر هدف حاصل ڪري سگھندا.

انهي سلسلي ۾ اهو به ضروري آهي ته توهان مسلسل ڏهه هزار قدم طئي ڪرڻ جي بدران انهن کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. ڪجھه هزار قدمن کان پوءِ ڪجھه ساهي وٺو ۽ ڪجھه دير آرام ڪريو ۽ ٻيهر پنڌ شروع ڪريو. ايئن به ممڪن آهي ته توهان هر ڪلوميٽر   کان پوءِ آرام ڪريو ۽ وري ان وقفي کان پوءِ نئين سر پنهنجي مشق شروع ڪري ڇڏيو.

فٽنس ٽريڪر يا پوءِ پيڊو ميٽر جي مدد سان توهان آساني سان پنهنجي ان عمل تي نظر به رکي سگھو ٿا ته توهان ڪيترا قدم هليا آهيو. ان ريت توهان جو پنهنجي پنڌ تي به ڌيان رهندو ۽ جيڪڏهن توهان سستي محسوس ڪندا ته توهان کي اهو احساس به رهندو ته توهان کي پنهنجو هدف پورو ڪرڻو آهي.

پنڌ جي دوران هڪ چڱي ڳالهه اها به ٿي سگھي ٿي ته توهان انهي جي وچ ۾ پنهنجن دوستن سان يا ضروري ڪم ڪار لاءِ فون تي پنهنجي ڪليگز سان رابطا ڪريو ان ريت توهان بنا پريشاني جي دل وندرائيندي پنهنجو پنڌ پورو ڪري سگھندا.

انهي کان سواءِ توهان اهو به ڪري سگھو ٿا ته خريداري يا ڪنهن به ڪم جي دوران پنهجي گاڏي ڪٿي پري پارڪ ڪريو ان جو فائدو اهو ٿيندو ته توهان اوٽ موٽ ڪجھه نه ڪجھه پنڌ ڪري پنهنجي هدف کي حاصل ڪرڻ جي هڪ آسان ڪوشش ڪري سگھندا.

انهن طريقن کان سواءِ ڪي اهڙا ٻيا به طريقا ٿي سگھن ٿا جيڪي توهان پنهنجي روزاني معمول جي مطابق طئي ڪري پنهنجي پنڌ جي هدف کي حاصل ڪري پنهنجي صحت ۽ تندرستي کي مستقل طور برقرار رکي سگھو ٿا.