ڪراچي: گذريل حڪومت ۾ اهم ۽ فيلڊ پوسٽن تي رهندڙ 9  ايس ايس پيز جا ضلعا تبديل پ پ حڪومت تي اهم ۽ فيلڊ پوسٽن تي مقرر هڪ ڊي آءِ جي ۽ 9 ايس ايس پي نگران سرڪار ۾ به فيلڊ پوسٽن تي مقرر ٿيندا. ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، محظور علي کي شهيد بينظيرآباد مان ايس ايس پي اولهه، حسن سردار نيازي ملير مان ڪورنگي، امجد شيخ شڪارپور مان حيدرآباد،  سليم شاهه ٽنڊو الهيار مان ٽنڊو محمد خان، طارق نواز ڪورنگي مان ڄامشورو، صدام خاصخيلي نوشهروفيروز مان سانگھڙ، عبدالخالق دادو مان عمرڪوٽ،روحل کوسو خيرپور مان ڪشمور ۽ ڪشمور مان هٽايل عرفان سمون کي به ٿوري وقفي بعد ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو آهي.