لاهور (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي عسڪري تحقيقي اداري ڊرڊو (DRDO) جي ماهرن “روبوٽ فوج” بڻائڻ جو منصوبو شروع ڪندي تحقيق ۽ تجربن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، مقصد اهو آهي ته جنگ ٿيڻ جي صورت ۾ هٿياربند روبوٽ جنگ جي ميدان ۾ اماڻي انساني فوجين جون جانيون بچائي سگهجن، ڀارتي فوج پاڻ کي طاقتور بڻائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس جو استعمال وڌائي رهي آهي، ايئن انساني فوجين تان جسماني ۽ ذهني دٻاءُ به گهٽجي ويندو، عسڪري روبوٽ جنگي چالون هلڻ ۾ به ڪمانڊرن جي مدد ڪندا، انڊين فورسز جي دعويٰ آهي ته انساني فوجي ختم نه ٿيندا پر روبوٽ فوجي هر شعبي ۾ انهن جي مدد ڪندا، روبوٽ فوج جو منصوبو ڏهه کان پندرنهن سالن ۾ مڪمل ٿيندو، جنگي جنون جو شڪار مودي سرڪار پنهنجي فوج کي اربين ڊالر ڏئي رهي آهي ته اهي پنهنجا منصوبا مڪمل ڪري سگهن، ڀارتي روبوٽ فوج جي تياري پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، لازمي آهي ته پاڪستاني عسڪري ادارا به جنگي ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آڻيندي اي آءِ ۽ روبوٽڪس شعبن تي وڌيڪ ڪم ڪن ته جيئن انهن شعبن ۾ پنهنجي ازلي حريف جو بهتر طريقي مقابلو ڪري قومي دفاع بدستور مضبوط ۽ توانو رکي سگهجي.