ڪليفورنيا(انٽريسٽنگ نيوز) تازو، آمريڪا جي پرڊيو يونيورسٽي جي انجنيئرنگ جي شاگردن هڪ روبوٽ تيار ڪيو آهي جنهن صرف 0.103 سيڪنڊن ۾ روبڪ ڪيوب حل ڪري نئون گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هي رفتار انساني اک جي ڇمڪڻ کان به تيز آهي، جيڪا عام طور تي 200 کان 300 ملي سيڪنڊن ۾ ٿيندي آهي. هن روبوٽ کي “پرڊوبڪ ڪيوب” سڏيو ويندو آهي، ۽ اهو پرڊيو يونيورسٽي جي اليڪٽريڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي شاگردن جنپي اوٽا، ايڊن هرڊ، ميٿيو پيٽرو، ۽ ايلڪس برٽا پاران تيار ڪيو ويو آهي. هن روبوٽ جاپاني ڪمپني مٽسوبشي اليڪٽرڪ پاران مئي 2024 ۾ قائم ڪيل 0.305 سيڪنڊن جو اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو تقريبن ٽي ڀيرا تيز آهي. روبوٽ ۾ استعمال ٿيندڙ موٽر ۽ سينسر ان کي بي مثال رفتار سان ڪيوب حل ڪرڻ جي قابل بڻايو. هي روبوٽ فوري طور تي ڪيوب جي سڀني پهلوئن کي اسڪين ڪري ٿو ۽ حل ڳولي ٿو. هي ڪاميابي پرڊيو يونيورسٽي جي شاگردن جي گڏيل ڪوششن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جو نتيجو آهي.