روايتي مزدوري جو دور ختم پيو ٿئي جدت پئي اچي … ،، ع لي ،،

0
19
روايتي مزدوري جو دور ختم پيو ٿئي جدت پئي اچي ... ،، ع لي ،،

 ڪڏهن زمانو هو جڏهن ماڻهو گهر ٺاهڻ لاءِ سالن سال پورهيو ڪندا هئا سرون ٺاهيون وينديون هيون سيمينٽ ٺاھيو ويندو هو مزدور ٻاهرين گرميءَ ۾ پگھر وهائي ڪم ڪندا هئا ۽ وري به مهينا لڳندا هئا ته ڪا ڀت (ديوار)  بيهي پر هاڻ دور بدلجي ويو آهي ٽيڪنالاجي ايتري اڳتي وڌي وئي آهي جو هاڻ هڪ گهر يا آفيس مشينون خود بخود ڇاپي ڏين ٿيون جيئن ڪا پرنٽر تصوير ڇاپي ٿي

ان ٽيڪنالاجي کي چئبو آهي ٿري ڊي پرنٽنگ مطلب ٽن رخن واري ڇپائي جنهن سان هاڻ عمارتون گهر آفيسون ڀتيون دروازا سڀ ڪجهه ڇپجي سگهن ٿا اهڙي تعمير تي نه سال لڳن ٿا نه ئي مهينا رڳو ڪجهه ڏينهن لڳن ٿا بلڪه ڪڏهن ته رڳو چويهه ڪلاڪ لڳن ٿا

هتي اسان ٻه وڏا مثال وٺنداسين هڪ دبئي جي آفيس جو ۽ ٻيو چين جي گهرن جو

پهريون مثال دبئي جو آهي دبئي جي حڪومت دنيا جي سڀ کان پهرين مڪمل ٿري ڊي پرنٽيڊ آفيس ٺاهي ان آفيس جو نالو آهي آفيس آف دي فيوچر يعني مستقبل جي آفيس اها آفيس ڪا عام آفيس نه هئي اها جديد قسم جي ڊيزائن سان ڀريل مڪمل ڪم ڪندڙ بجلي پاڻي ڪمرا اي سي سڀ ڪجهه موجود اها آفيس  هٿ سان نه ٺاهي وئي پر هڪ وڏي پرنٽر سان اهو پرنٽر بلڪل اهڙو آهي جيئن توهان جو گهر جو پرنٽر پر ڏاڍو وڏو اهو مشين خاص قسم جي سيمينٽ جهڙي مواد سان پرت پرت ڪري عمارت جي ڀتين کي ڇاپي ٿو

اها آفيس صرف سترن ڏينهن ۾ تيار ٿي سوچيو هڪ پوري آفيس ڇت سميت سترن ڏينهن ۾ نه ڪا سر نه ڪا ريڙهي نه ڪا شيخون صرف مشين ڊيزائن ۽ مواد

ان کان به وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان آفيس تي خرچ به اڌ کان گهٽ ٿيو ڇو ته نه وڌيڪ مزدور لڳا نه وقت ويو نه ئي سامان ضايع ٿيو مشين هر شيءِ درست ماپي بلڪل حساب سان ڇاپي

ٻيو مثال چين جو آهي چين جي هڪ ڪمپني صرف چويهه ڪلاڪن اندر ڏهه گهر ٿري ڊي پرنٽر سان ڇاپي ڇڏيا اهي گهر ڪا راند نه هئا سچ پچ جا رهڻ جهڙا گهر هئا جن ۾ ڪمرا در ڀتيون ڇتيون سڀ ڪجهه هو

اهي گهر ري سائيڪل ٿيل مواد سان ٺهيا هئا يعني اهڙو سامان جيڪو ٻيهر استعمال ٿيندو آهي اهو ماحول لاءِ به سٺو آهي ۽ خاص ڳالهه ته انهن مان هر گهر جو خرچ صرف چار پنج هزار ڊالر يعني اسان جي حساب سان لڳ ڀڳ پنڌره لک رپيا ٿيو

هتي اصل ڳالهه اها نه آهي ته آفيس يا گهر جلد ٺهيو اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جي دنيا ۾ تعمير جو طريقو ئي بدلجي ويو آهي

اها ٽيڪنالاجي اهڙي آهي جيڪا نه رڳو وقت بچائي ٿي پر خرچ به بچائي ٿي ۽ مزدورن جي ڏکيائين کي به گهٽ ڪري ٿي

هتي ڪيترن ماڻهن کي خوف ٿيندو ته هاڻ ته مزدورن جي نوڪري ختم ٿي ويندي پر حقيقت اها آهي ته مزدوري ختم نه ٿيندي بلڪه مزدوري جو رخ بدلبو

هاڻ جي دور ۾ جيڪو ماڻهو پرنٽر هلائڻ ڄاڻندو جيڪو ڪمپيوٽر تي ڊيزائن ٺاهڻ ڄاڻندو جيڪو مواد تيار ڪرڻ سکندو ان لاءِ نئين دنيا جا در کلي ويندا

هتي هاڻ ماربل وڍڻ وارو لوھ کڻڻ وارو يا ريڙهي تي سامان کڻڻ وارو ڪم ختم ٿيندو پر ان جي جاءِ تي مشين هلائڻ ڊجيٽل ماڊل ٺاهڻ ۽ پرنٽ ٿيل حصا جوڙڻ جهڙا ڪم وڌندا

ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪو وقت سان گڏ نئين مهارت سکي اهو اڳتي وڌندو جيڪو پراڻي طريقي تي اٽڪي پيو اهو پوئتي رهندو

ان لاءِ هاڻ جي والدين استادن ۽ حڪومتي ادارن کي گهرجي ته نوجوانن کي اهڙيون نيون مهارتون سيکارين جيڪي ٿري ڊي پرنٽنگ ڊجيٽل تعمير ۽ انجنيئرنگ سان واسطو رکن

هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اسان جي سنڌ جي ڳوٺن ۾ به اسڪول اسپتال گهر آفيسون عمارتون  سڀ ٿري ڊي پرنٽر سان تيار ٿينديون انهن لاءِ نه سال گهربا نه سيمينٽ جا ڍير

اهو وقت هاڻ دور ناهي اهو وقت بس تياري جو محتاج آهي

۽ جيڪو تياري ڪندو اهو اڳتي هوندو جيڪو هٿ ٻڌي ويهندو سو صرف تماشو ڏسندو

سو اچو پنهنجن ٻارن کي  پنهنجي ذهنن کي تيار ڪريون ڇو ته مستقبل ۾ تمام وڏي تيزي سان تبديليون اچڻيون آھن انھن ايندڙ تبديلين کي قبول ڪري پاڻ کي تبديل ڪيون. (فيس بوڪ تان ورتل)