مساوات، ڀائيچارو ۽ رواداري صدين کان عالمي مسئلو رهندا آيا آهن. ان ڏس ۾(صدين کان) ماڻهن جي سوچ کي منجمند ڪري سندن سوچ جو ڪانٽو هڪ ئي جاءِ تي اَٽڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر وقت ته چاڪيءَ جي ڏاند وانگي دائري ۾ سفر ناهي ڪندو، وقت سدائين سِڌو سفر ڪندو آهي. وقت جي ارتقا کي(جهالت، ضد ۽ مان نه مڃان) واري رد ڪيل سوچ (وقتي طور ته) هميشه پير ڪَڙا وجهي (ارتقا کي روڪڻ) جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي مگر ارتقا ته ڪڏهن رڪجڻي ئي ناهي! ترقي، تخليق، سوچ ۽ لوچ جي نتيجي ئي (پهرين دنيا جو انسان) اڄ ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو آهي، پر پاڻ وٽ ماڻهو الائجي ڪهڙن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان پڙهي نڪرن ٿا جو فارغ التحصيل ٿيندي ئي هڪ مخصوص سوچ يا مخصوص نقطءِ نظر تي هَٺ ڪري بيهي رهن ٿا نه پاڻ زندگي جيئن ٿا ۽ نه ٻين کي زندگي جيئڻ ڏين ٿا..! عَقليت پسندي توڙي حقيقت پسندي سان دشمني ۾ انڌا ٿي وڃن ٿا جو اهڙن ماڻهن کي هر مسئلي جو حل تشدد يا انساني ڪوس ۾ نظر ايندو آهي. هڪ بين الاقوامي سروي مطابق دنيا ۾ هر ٻيو ماڻهو نفسياتي اُلجهنن جو شڪار آهي. مڃجي ٿو ته سماج ۾ ان جا ڪي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، سُڌريل ملڪن ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ نفسيات دان موجود آهن (جيڪي مسلسل انهن جي ذهني ڪائونسلنگ ڪندا آهن). جيڪي پابندي سان انهن جي سوچ جي پئمانن کي ماپن ٿا (ٺيڪ ڪن ٿا)، ڇو ته انهن کي به سٺن ۽ هاڪاري شهرين وانگي جيئڻ جو پورو حق آهي پر پاڻ وٽ اهڙي شخص کي شَھ ڏيئي (پَڳ ٻڌي) هڪ روشن خيال يا ترقي پسند ماڻهوءَ جي ڪڍ لاتو وڃي ٿو، اُن جي ڪنهن نه ڪنهن ڳالھ، فقري يا يا پرسنل استعمال هيٺ ميڊيائي ايپ جي ڪنهن آڊيو يا وڊيو مان چونڊي ڪا اهڙي (سچي ڪُوڙي) ڳالھ ڪڍي وٺن ٿا، جنهن مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته فلاڻي همراھ مذهب يا سندن عقيدي جي توهين ڪئي آهي…! هن سماج جو رُخ خبر ناهي ته اهڙن منفي سرگرمين ڏانهن ڇو موڙيو ويندو آهي يا ڪنهن ماڻهو جي مسلسل جاسوسي ڪري (تاڙ ڪري) کيس ٽارگيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي ويندي آهي، حيرت جهڙي ڳالھ آهي جو، جن جو چُلهو به سائنسي علم تي ٻرندو آهي، اهو (اٻوجھ ماڻهن کي ته ان جي فائدن بابت ناهي ٻڌائيندو). ان مان خفيه طور انفرادي حيثيت ۾ ته فائدو حاصل ڪندو آهي پر وري سندس روزگار جو ذريعو بڻيل سائنسي ڪم خلاف خلفشار ڦهلائڻ به سندس مشغلو هوندو آهي!
هڪ اُهو زمانو هو جو ماڻهو، ماڻهوءَ جي تڪليف، ڏک يا سندس بُک ۾ مدد ڪرڻ کي نيڪي سمجهي ان جي ويجهو ايندا هئا پر هينئر سڀ ڪجھ ان جي ابتڙ ٿيڻ لڳو آهي، ڪِرندڙ کي بجاءِ سهارو ڏيڻ جي پويان لَت هنئي ويندي آهي، مَرندڙ کي وڌيڪ مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، غريب کي ويجهو ٿيڻ جي بجاءِ ان کي پاڻ کان پري رکيو ويندو آهي. روشن خيال انسان کي شهر، ڳوٺ توڙي اُن گهٽيءَ مان ئي تڙي ڪڍڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي يا ان لاءِ چوڌاري اهڙو هٿراڌو (کيس ٽارچر ڪندڙ يا ذهني طور ايذاءُ ڏيندڙ) ماحول جوڙيو ويندو آهي جو هُو پاڻ اُتان ڀڄي جان ڇڏائيندو آهي..! زمانو، دوستن توڙي مِٽن مائٽن جا رَويا هڪ الڳ سوچيندڙ ماڻهوءَ لاءِ ڏينهون ڏينهن جارحاڻا ٿيندا پيا وڃن. ماڻهن مان سَهپ، سمجھ، سُرت ۽ ساڃاھ جهڙا ناياب گُڻ ختم ٿي رهيا آهن (اظهار جي آزادي کي ڏوھ سمجهي اهڙي شخص لاءِ جرڳائي ڀوتار سزائون تجويز ڪندا آهن). مُثبت شين جي جاءِ ڪاوڙ، تَڙيِ، گاريون ۽ وڙهڻ جهڙا منفي رَويا والاري ويا آهن..! اسان جو سماج ڏينهون ڏينهن اهڙن منفي لاڙن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي. سِول سوسائٽي اهڙن انسان دشمن عنصرن جي خلاف ڪوششون ڪري رهي آهي پر جيڪا شئي (واريءَ جيان) هٿن مان ئي نڪرڻ جي انتها تي پهتل هجي، ان کي ڪيئن ٿو روڪي سگهجي!! هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن سڄي مَتل مَمڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ جنهن جو جواب شايد ڪنهن وٽ به نه هجي! (ڇو ته پنهنجي وڍيءَ جو نڪو ويڄ ۽ نه ڪو طبيب آهي) اسان اَبن ڏاڏن جي ڇڏيل انساني همدردي، خلوص ۽ جذبات واري واٽ جا پيرا ئي گُم ڪري ڇڏيا آهن. جتي ڪٿي نفسياتي برتري ۽ انتها پسندي کي هوا ڏني پئي وڃي، ماضيءَ ۾ پُر امن علائقن يا خِطن جي ماڻهن جي سوچ کي چند (ٻاهران آيل انتها پسند) ماڻهو بدلائي رهيا آهن (يا اُتان جي ماڻهن کي برين واش ڪري رهيا آهن). هي سڄو سماج تنگ نظري ۽ اَسهپ جي ڄار ۾ ڦاسي ويو آهي. اڪثر ماڻهن جو جُڙتو (ڏيکاءُ) وارو ايمان (ترجيحن ۾) انسان بڻجڻ کان وڌيڪ خُون خوار جانور بڻجي ويو آهي. ڪنهن به طرح سان لالچ، هِرص ۽ مال گڏائڻ سندس خمير (فطرت) ۾ شامل ٿي ويو آهي. وڏو ماڻهو بڻجڻ جي شوق تحت هڪڙو عام ماڻهو وڏن ماڻهن جي پيرن تي پيل هوندو آهي، انهن سان واسطا وڌائڻ لاءِ هر حَد (اَبن ڏاڏن جي ڪنهن اڳيان نه جُهڪڻ واري روايت) کي به پار ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو هوندو آهي. ان جي لاءِ هُو هر شئي جي غلط استعمال کي جائز سمجهي ڪرڻ لڳو آهي، ايستائين جو دين ڌرم کي به ڪاروبار بڻايو ويو آهي، عزت، غيرت، لڄ ۽ شرم جا ته هن دور ۾ جنازا نڪري چڪا آهن، ڪوبه عهدو، مرتبو يا ڪا به سِيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٻئي جي حق تي به ڌاڙو هڻڻ لاءِ هر شئي جو سودو ڪرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ٿا ڪن، اهڙن ماڻهن کي صرف گاڏيون، بنگلا ۽ انهن کي ڪپڙو هڻندڙ ڏُٻري ڏِيل وارا هيڻا ماڻهو کپن ٿا.
تازو سنڌ گورنمينٽ ڪامورن ۽ سياستدانن جي هڪ اهڙي لسٽ پڌري ڪئي آهي، جنهن ۾ گزيٽيڊ آفيسرن توڙي اڳوڻن يُوسي چيئرمينن يا ٽائون چيئرمينن سميت ڪافي سرڪاري آفيسرن جي گهر وارين وظيفا ورتا آهن. حالت آهي ڪروڙين آمدني وارا ۽ پاڻ کي ديندار سمجنهدڙ ماڻهو به ائين ڪن ته پوءِ اهڙي سماج جو ڇا ٿو ٿي سگهي. (ڪامورن ۽ سرڪاري ماڻهن جو اهڙو عمل به مستحقن جي حقن تي ڌاڙو ئي ته آهي). گهڻيون اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي اڃان پردي پويان آهن، جي اُهي ظاهر ڪجن ته با اثر (اُٺ ماڻهو) اسان جهڙن جيتامڙن کي پنهنجي وات ۾ زِيرو سمجهي ڳڙڪائي وڃن، شايد ان لاءِ ئي چوندا آهن ته “مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ”.
خير پوءِ به ايترو انڌير جو نه سوچجي، ٿوري دُور انديشي جي آڌار اهو چئي سگهجي ٿو ته:
هُو نيٺ ته اچڻي آ رَت ڇاڻ جي هولين ۾،
ڪا موج ته مچڻي آ مهراڻ جي ڇولين ۾…
ظُلم جي رات ڊگهي ضرور محسوس ٿيندي آهي، پر سويرو ٿيڻ جو به يقين هوندو آهي.