رواداريءَ جي اهميت ۽ “انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ”

0
18
رواداريءَ جي اهميت ۽ “انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ”

انساني سماجن جو پنهنجو پاڻ ڏانهن موٽڻ يا پنهنجي تاريخي فڪر ۽ فهم سان جُڙڻ ڪلچرل هم آهنگيءَ ۽ قومي مزاج جو لازمي اعليٰ ترين عمل ۽ بي مثال اظهار هوندو آهي. جيتوڻيڪ انساني/قومي سماج تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ ٻاهرين قوتن جي نظرياتي ۽ مادي حملن سبب سياسي، اقتصادي، نظرياتي ۽ ڪلچرل استحصال جو شڪار ضرور ٿيندا آهن پر دير يا سوير اهي پنهنجي ڪلچرل هيڪڙائي توڙي تاريخي قومي ورثي ڏانهن موٽ ضرور کائيندا آهن ۽ جڏهن اُها موٽ قومي تشخص جي بحالي ۽ ڪلچرل ورثي جي تحفظ جي سوکڙي کڻي ايندي آهي، تڏهن انساني سماجن/ قومن جا ڄڻ ته صدين جا ٿَڪ ئي لهيو وڃن. مثال طور، ڪليسا جي بي پناھ جبر ۽ ماڻهن جي انفرادي/گروهي آزاديءَ جي بدترين استحصال باوجود يورپ اونداهي دور جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ وارن انتهائي زهريلين خاردار تارن کي اورانگھي اڳتي وڌي آيو. عرب معاشرن کي مخصوص نظرياتي ڇاپ ۽ ان ڇاپ جون بلند و بالا ديوارون اڳتي وڌڻ کان روڪي نه سگهيون. سماج وادي سرشتي جي نالي تي جُڙيل سماجن ۾ جڏهن نظرياتي آمريت ماڻهن جي فڪري آزادين لاءِ سرڪڻ ڦاهيءَ بڻجڻ لڳي، تڏهن اجگر قوتون سموري جبر ۽ آمراڻي عمل باوجود به پنهنجن ماڻهن کي گهڻو وقت بند گهٽيءَ ۾ واڙي نه رکي سگهيون.

چوڻ جو مطلب ته ڪنهن به انساني سماج يا قوم جي تاريخي مزاج توڙي ڪلچرل هيڪڙائيءَ کي هٿرادو تيار ڪيل نظرياتي بوتل ۾ بند رکي ئي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ هٿرادو نظرياتي يا روياتي شور و غُل ۾ سماج جي ڪنهن مخصوص حصي/طبقي کي متاثر ضرور ڪري سگهجي ٿو ۽ عارضي طور تي معاشري کي متاثر به ڪري سگهجي ٿو پر اِهو دائمي هجي، هميشه لاءِ هجي ۽ سماج ان هٿرادو نظرياتي بوتل ۾ بند ٿي پنهنجو پاڻ کان يعني پنهنجي تاريخي ڪلچرل هيڪڙائيءَ کان بنھ ٽُٽي ڀُري ڌار ٿي وڃي، اِهو خيال ئي اجايو آهي، ڇاڪاڻ ته مستقل طور تي سڄي سماج کي ماٺو رکي، ان کي پنهنجي ڪلچرل هيڪڙائي ۽ قومي تشخص جي تسلسل کان هميشه لاءِ ڪٽي ڌار ڪري ئي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ قومون ڪلچرل طور تي اڳتي ضرور وڌنديون آهن، ڏاڪي به ڏاڪي تبديليءَ جي عمل مان ضرور گذرنديون آهن پر تبديليءَ جو اهو عمل سندن پنهنجي تاريخي تسلسل تي آڌاريل هوندو آهي، نه ڪي جبري طور تي مڙهيل يا هٿرادو طور پيدا ڪيل ڪنهن رويي سان جُڙيل هجي ٿو.

اهڙيءَ طرح سنڌ وٽ به پنهنجي خاص “ڪلچرل هيڪڙائي” آهي، پنهنجو تاريخي قومي فڪر ۽ فهم آهي ۽ سمورو سنڌي سماج ان ئي ڪلچرل هيڪڙائي ۽ تاريخي فڪر تي آڌاريل آهي. سنڌي ماڻهن جي مزاج توڙي بنيادي روين جو دارومدار پڻ ان فڪري تسلسل تي آهي، جنهن منجهان ئي سرزمين سنڌ مان رواداريءَ ۽ انساني عظمت جون شعائون ڦُٽن ٿيون. جيتوڻيڪ سنڌ جي رواداريءَ کي ميرو ڪرڻ لاءِ تاريخ ۾ بارها انتهاپسنديءَ کي تقويت ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي وئي پر اهي سمورا فرد/ڌريون رواداريءَ کي ميرو نه ڪري سگهيون. ان لاءِ جيڪڏهن ماضيءَ جا ورق اُٿلائي ڏسجن ته، سنڌ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن پر هڪڙي ننڍڙي ٽولي کانسواءِ باقي سنڌ اهڙن انتهاپسندن کي قبول نه ڪيو. بهرحال سنڌ جي تاريخي روادار مزاج کي ميرو ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ۾ به ڪوششون ٿيون ۽ هاڻي به هڪڙي مخصوص سوچ معاشري جي رڳن ۾ انتهاپسنديءَ جو زهر ڀرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڊاڪٽر نواز ڪنڀر واري سانحي کانپوءِ سنڌ انتهاپسنديءَ خلاف مثبت ردعمل ڏنو ۽ اٽڪل هر مڪتب فڪر جي ماڻهن بلند و بانگ رواداريءَ جي صدا بلند ڪئي، هُو سنڌ جي تاريخي فڪر جا محافظ بڻجي بيٺا ۽ اِهو انتهائي مثبت توڙي ساراھ جوڳو عمل آهي. هونئن به سنڌ سمورن مذهبن توڙي مختلف فڪرن، نظرين خيالن جو احترام ڪندڙ سرزمين آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو سنڌ هر مذهب توڙي مڪتب فڪر کي پنهنجو ڪيو آهي.

بهرحال انتهاپسنديءَ کي فقط مذهب جي تناظر ۾ به نه ڏسڻ گھرجي. انتهاپسنديءَ جون انيڪ صورتون آهن. مثال طور تي برادري/قبيلائي تڪرار به قبائلي انتهاپسنديءَ جو نتيجو آهن. جڏهن ماڻهوءَ جي انفرادي روين مان سهپ ختم ٿئي ته اُهو پڻ ذاتي انا جي تسڪين لاءِ انتهاپسنديءَ جو دڳ وٺي ٿو. تنهن ڪري ڳالھ جڏهن انتهاپسنديءَ جي ٿئي، ته سمجهڻ کپي ته ان جو تعلق فقط مذهب يا فرقيواريت سان ناهي پر هر اُهو رويو، جيڪو برداشت کان خالي هجي، انتهاپسنديءَ سان جُڙيل آهي. تنهنڪري سنڌ کي انتهاپسنديءَ جي هر صورت خلاف منظم ٿي بيهڻ کپي ۽ ان جي خلاف فڪري ۽ نظرياتي محاذ کي سگهارو ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. آئون سمجهان ٿو ته، “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز“ طرفان ثقافتي ڏينهن “انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ” جي سِري هيٺ ملهائڻ وقتائتو ۽ شاندار آهي ۽ سنڌين کي گڏيل طور تي انتهاپسنديءَ جي خلاف ۽ سنڌ جي تاريخي روادار فڪر جي مالڪ طور اڳيان اچڻ گهرجي. جيڪڏهن اڃان به پاڻ پنهنجي تاريخي فڪر ۽ فهم ڏانهن نه موٽياسين ته اُهو سنڌ جو وڏو نقصان هوندو.