حيدرآباد(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جو سربراهي اجلاس جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ رهبر ڪاميٽي جي ڪنوينر نواز خان زنئور جي صدارت هيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حيدرآباد تي ٿيو جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي، جيئي سنڌ محاذ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، محمد علي خشڪ، مظهر نواز، بابو چولياڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 اپريل تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 30هين ورسي جي موقعي تي سيد جي مزار تي حاضري ڀري ويندي. سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف هلندڙ جدوجهد، ٻٻرلوءِ تي وڪيلن جي ڌرڻي سميت مختلف هنڌن تي لڳل ڌرڻن ۽ احتجاجن سان يڪجهتي طور ورسي جو جلسو نه ڪيو ويندو. صرف مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي عهد تجديد وفا کي ورجايو ويندو جڏهن ته پنجويهين جي رات مختلف شهرن ۾ مشعلون ۽ ميڻ بتيون ٻاري سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي جڏهن ته مختلف هنڌن تي احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ شريڪ ڪارڪنن کي ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪجي ٿي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪئنالن، ڊيمن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ جبري گمشدگين خلاف 30 اپريل تي رهبر ڪاميٽي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي رهبر ڪاميٽي جي ڪنوينر نواز خان زنئور چيو ته سنڌو درياھ جي بحالي لاءِ ضروري آهي ته ڪئنالن، ڊيمن ۽ نون بئراجن جون سموريون رٿائون رد ڪيون وڃن. زراعت کي وڌائڻ واري هٻڇ بجاءِ ڊيلٽا کي بچائڻ ۽ سنڌو نديءَ جي قدرتي وهڪري کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي قوم جي مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آهي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. رهبر ڪاميٽي پاران ڪئنالن، ڊيمن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف مستقل جدوجهد ڪئي ويندي.