رهاڻ: ٿر جي راجپُوتن جي هڪ اَهم رسم

0
61
رهاڻ: ٿر جي راجپُوتن جي هڪ اَهم رسم

 ريگستان جي راجپوتن جو جتي جيئڻ الڳ آھي، اُتي اُنهن جو مرڻ به مُنفرد آھي. انهن جي جنم تي جتي ٿالهيون وڄائي سواگت ڪيو وڃي ٿو، اُتي مرڻ تي وينڪوٽي ۾ ڌُھلن جي ڌُن تي وداع ڪيو وڃي ٿو. راجپوتن جي شاندار ريتن جي شاهدي ننڍي کنڊ جي وڏي ڪَوي گنگ ڀاٽ هيئن ڏني آھي؛

نائڻ ڌُوئڻ ناگران آسڻ اپڌُوتان

چتر ٻولي چارڻان ريت رجپُوتان

                 راجپوتن جون ريتون اُنهن جو شان ۽ مان آھن. پوءِ اُهي ريتون ڀلي کڻي امل (آفيم) جو ڏيڻ ۽ وٺڻ هُجي يا مديرا جي مَنوار هُجي. ڏاج ۾ ايڪيو گُڻائڻ (ڏاج ۾ ڏنل هر شيءِ جو تعداد 21 هُجي) هُجي يا سالين جي شان ۾ ڏنل گادڪيءَ جا گُڻ هُجن. وَريءَ جي ورتڙ ھُجي يا ٽيڪي جو ٽيلو هُجي. چاندلي جو چنڊُ هجي يا مڏو کوڙ جو منڊُ هجي. سڀني ريتن جا رنگ تمام موهيندڙ ھوندا آھن. انهن سڀني رسمن کي ترويڄ ۾ آڻڻ لاءِ هڪڙي بهترين ريت قائم ڪيل آھي، اُها آھي، “رهاڻ”.

                 رهاڻ ۾ ايندڙ هر ماڻهو پري کان هٿ ٻَڌي مجروسا ڪندو آھي، ته جيئن ويٺل ماڻهن کي اُٿي هٿ نه ڏيڻو پوي. راجپوتن جي سلام وارڻ کي مُجرو چوندا آھن. مُجرو لفظ دراصل موج ۾ رهوسا مان نڪتل آھي، جنهن جي معنيٰ آھي سدا خوش رهو. موج ۾ رهوسا مان ڦري ٿيو مُجروسا. راجپوت سماج ۾ وڏن گهراڻن وارا ماڻهو ٻين کي هٿ ڏيڻ پسند ناهن ڪندا، اُنهن کي ٻيا هٿ ٻَڌي مُجروسا چوندا آھن تڏھن وراڻيءَ ۾ اُھي رڳو مُجرو ڪندا آھن. اهڙا ماڻهو سُرتاڻ سوڍن ۾ ججهيرا آھن، پر دراصل هٿ ان کي ناهي ڏبو، جيڪو راجا وير وڪرما دتيه جي گاديءَ تي براجمان هُجي، اهو هن وقت راڻا همير سنگهه آھي.

رهاڻ راجپوتن جي ريتن ۾ تمام اهم ريت آھي. مارواڙ ۽ گجرات کان وٺي ڍاٽ تائين سموري خطي جي راجپوتن جي اهم ثقافت رهاڻ ھوندي آھي. رهاڻ شادي مُرادي کان وٺي تِٿ تهوار تي به ڪئي ويندي آھي. ڪنهن جي مڱڻي ٿيندي آھي ته رهاڻ ڪري پڪ ڪئي ويندي آھي. گهوٽ پرڻجڻ ويندو آھي ته اُتي به رهاڻ ڪئي ويندي آھي. پرڻجي واپس ايندو آھي تڏھن به رهاڻ ڪئي ويندي آھي. ڳوٺ ۾ جمائي يا ڪو گنات گڙو (جن مان سڱ ڏجي وٺجي) مهمان ٿي ايندو آھي ته ان جي خبر ڏيڻ لئه به سموري ڳوٺ کي رهاڻ جو “هوڪو” ڪيو ويندو آھي. رُٺل پاڻ ۾ پرچندا آھن، تڏھن به رهاڻ رچائيندا آھن. سماجي ڪم ڪار لئه به امل جو “هيلو” ڪري سموري ڳوٺ کي هڪ هند گڏ ڪري رهاڻ ڪندا آھن. آکاٽي، هوليءَ ۽ ڏياريءَ جي شُڀ ڏڻن تي به رهاڻ ڪندا آھن. رهاڻ هڪڙي رنگ منچ آھي، جنهن تي سڀئي هڪ ٻئي سان پنهنجا حال احوال ونڊيندا آھن. رهاڻ جي رس ۾ ماڻهون هڪ ٻئي سان پرچي پوندا آھن. ريگستان جي سوڍن جي رهاڻ سڀني کان سڀاويڪ هُوندي آھي. رهاڻ ۾ ٽڪيون، سوپاريون، سينگوڙو، سگريٽ، مصري، پتاشا، کارڪون ۽ چانهه شامل هوندي آھي. اهي سڀ شيون هجن پر امل نه هجي ته پوءِ راجپوتن جي رهاڻ اڌُوري هوندي آھي. امل ڪسونٻي جي آڇ ۽ مديرا جي مَنوار راجپوتن جي رهاڻ کي مڙني کان مُختلف بڻائي ٿي.

رهاڻ ۾ راجپوت پنهنجو ثقافتي ويس تريٽو ۽ قميص پائي مٿي تي پنج رنگي ۽ ست رنگي ڦينٽو ٻڌي شامل ٿيندا آھن. راجپوت رتل رهاڻ ۾ اول چارڻ ڪويءَ ۽ مڱڻهار کي امل ڪسونٻي جي مَنوار ڪندا آھن. چارڻ ڪويءَ ۽ مڱڻهار آفيم وٺڻ کان اڳ ۾ راجپوت يوڌن، سُور وير سوڍن، سخين، ڏاتارن ۽ ديش ڀڳتن کي رنگ ڏيندا آهن. عزت احترام ۽ پيار مان ڏنل اهي رنگ/جَسُ شاعريءَ جي شڪل ۾ راجپوتن جا روم روم کڙا ڪري ڇڏيندا آھن. راجپوت پنهنجي شاندار ماضي کي ياد ڪري مُڇن کي تاوَ ڏيئي غنودي طاري ڪندڙ دوا کي “ترواج” (ٽي مرتبا) ڪري پيئندا ۽ جيئندا آھن. راجپوتن جي رهاڻ ۾ آفيم جو استعمال عام هوندو آھي. آفيم جنهن لئه شاعرن چيو آھي:

اَمليان اُڏمليان،  سَيڻي هَندا سَيڻ

تُجهه بِن گهڙي نه چين آوي، ڦيڪا لاگين نيڻ

(اي آفيم! دوستن جا دوست تو کان سواءِ مون کي پل به سڪون نه ٿو اچي. منهنجا نيڻ ڦِڪا ڦِڪا لڳن ٿا).

”ائيڌر مُک سُون اُپنيو، اهي: ڦيڻ نام امل”، مطلب ته شيش نانگ جي مُنهن مان جيڪو زهر ڦيڻ ٿي نڪتو، ان جو نالو آھي آفيم، يعني امل.

نيهڻ مٿي دو جد مهاديو، نينو ڀيو هڙ ناگ

جهپريو سمير ڪي جهيرڻي، جد اهي فيم ناکيو جهاگ

چون ٿا ته، جڏھن ديوتائن شو مهاديو سان گڏجي امرت جي ڳولا ۾ سُميرو پربت کي جهيرڻو ڪري سمنڊ کي ولوڙيو هو، تڏھن شيش نانگ کي نيٽو ڪيو هو. ان مهل شيش نانگ جي وات مان جيڪا جهاڳ نڪتي، ان جو نالو آفيوم ٿيو. امل کي راجپوتن جي مختلف خطن ۾ الڳ الڳ نالن سان سُڃاڻپ حاصل آھي. امل جا ڪُجهه نالا هن ريت آھن: ناگ جهاگ، ڪشناگ، ڪاڙي، امل، ڪُهات، ناگ ڦُڻ، پُشت (ڏوڏا)، آڦُو، اکات، اڦيڻ، ڪاڙاگر، سانوڙو، داڻاوت، ڪاڙو وغيره.

ڪنهن دؤر ۾ راجپوت نياڻين کي ڏاج ۾ به اَمل ڏيندا هُئا. جنهن جو ثبوت هي دُوهو آھي؛

امل، ڀينس، گائين، چاول، چوٿي رِجڪا (لُوسڻ) چار

اترا ڏينا ڏائجي واسنگ ري درٻار

راجا ڪرڻ پانڊوَ کي پرڻجن وقت سندس سُهري واسنگ نانگ ڏاج ۾ اهي شيون ڏنيون هيون.

آفيم کائڻ واري کي “ٻنڌاڻي” چوندا آھن. آفيم ڳاري به پيئندا آھن ته سڄو به کائيندا آھن. آفيم ڏيڻ وارو هڪڙي هٿ ۾ پاڻي جو ڪلش کڻندو آھي، ٻئي هٿ ۾ آفيم. امل وٺڻ وارا اڪثر ڪري وڏا نخرا ڪندا آھن ته ٿورڙو ڏي، هون سوگني اهان، صفا ٿورڙو، ٻاجهر جي ڪڻ جيترو، مُڱ جي ڪڻ جيترو، پر ڪي ڪي ته ڪابلي چڻي جي داڻي کان به مٿي کايو وڃن. انهي نخري کي “مَنوار” به چوندا آھن. ائين ڪرڻ سان آفيم جا خُمار بهترين ٿيندا آھن. آفيم ڏيڻ وارا به چچڙ ٿي چهٽي پوندا آھن. چوندا آھن ته هي آھي ئي ڪونه صفا تر جيترو آھي، پر آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾ وڏي مهارت سان چڻي جيترو چپٽي ۾ جهلي وٺڻ واري جا وڻ ئي وڄايو ڇڏين. بهرحال رهاڻ جو رس آفيم وٺڻ ۽ ڏيڻ وقت عروج تي هوندو آھي. آفيم کائڻ ۽ کارائڻ وارا ٻئي احترامن مٿي تي ٽُوال يا پٽڪو ٻڌندا آھن. آفيم رهاڻ ۾ هر ماڻھون کي ٽي ڀيرا ڏنو ويندو آھي، جنهن کي “ترواج” چوندا آھن. ڳريل آفيم کي ڪپهه جي ٻُڙي سان ڇاڻي پوءِ ان جو نج رس پيئڻ لئه وڏي وٽيءَ ۾ رکندا آھن ان رس کي “ڪسونٻو” چوندا آھن ۽ ڇاڻڻ واري ڪپهه جي ٻُڙي کي “مينئو” چوندا آھن. ڳريل آفيم هٿ جي تريءَ تي پياريندا آھن ۽ پيئڻ وارو پيئڻ کان پوءِ پيئارڻ واري جي هٿ جي تريءَ ڌُوئاريندو آھي. آفيم کائڻ کان پوءِ مٿان مٺاڻ جو استعمال ڪندا آھن جنهن کي “کار ڀنڃڻون” چوندا آھن. سماج ۾ هڪ ٻئي جو ڀت پوت نه کائيندڙ رُٺل جڏھن پاڻ ۾ پرچندا آھن تڏھن به رهاڻ ڪري آفيم کائيندا آھن. آڳاٽي دؤر ۾ جڏھن راجپوت يوڌا وطن خاطر شترو سان سينو ساهڻ لئه رڻ ڀومي ۾ گهڙندا هئا، تڏھن اول آفيم کائي پوءِ تلوارن کي رت جا تلڪ ڏيئي سندن ماتائن ۽ پتنين کان “وجئه تلڪ” وٺندا هئا.

سنڌڙيءَ جي سوڍن جي ست رنگي رهاڻ ۾ مڱڻهار ۽ ڪوي راجپوتن کي رنگ هن ريت ڏيندا آھن. رنگ/جَسُ ڏيڻ مهل آفيم کي هٿ جي تريءَ تي رکي پوءِ هر دوهي جي پُڄاڻي تي آڱر سان ڇنڊا هڻندا آھن. رنگ ڏيڻ وقت فقط اهو ئي تريءَ تي آفيم رکندو آھي جيڪو سڄي ڪچهري کي آفيم پياريندو آھي يعني ساقي هوندو آھي.

رنگ ڪلا، رنگ مها سينگ، رنگ سگڙي رهاڻ

رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ

ڀورا ڏر ڀانجي گانجي پرتشڻان جيت

مهيتپ کڙنگ مانجهي پارڪر رڻ پريت

گوري گرور گجيو جهيڪ مچائي رڻ جنگ

لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو اوئان راجپوتان نان رنگ.