رهائشي زمين جو ڪمرشل استعمال: بلڊنگ ڪنٽرول پاران ڪيل ترميمون هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج

0
16
رهائشي زمين جو ڪمرشل استعمال: بلڊنگ ڪنٽرول پاران ڪيل ترميمون هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج
رهائشي زمين جو ڪمرشل استعمال: بلڊنگ ڪنٽرول پاران ڪيل ترميمون هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪراچي بلڊنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ريگيوليشن ۾ ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو، ڪلفٽن جي رهواسين جي رهائشي پلاٽن جي ڪمرشل استعمال واري قانون خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ايس بي سي اي، ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي، سيپا، ماسٽر پلان ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 22 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايس بي سي اي جي ترميم تحت خيراتي (فلاحي) پلاٽن، رهائشي زمين جي ڪمرشل استعمال جي نئين وصف طئه ڪئي وئي آهي، ترميم هيٺ رهائشي زمين جي ڪمرشل استعمال جي اجازت ڏني آهي، زمين جي استعمال بابت ايس بي سي اي جون اهي ترميمون سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهي ترميمون سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس ۽ سيپا ايڪٽ جي به خلاف ورزي آهن، ايس بي سي اي قانونن ۾ ترميم ڪري پنهنجن اختيارن کي اورانگهيو آهي، انهي ڪري اهي  ترميمون رد ڪيون وڃن.