ميرپوربٺورو(ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپوربٺورو طرفان سنڌي ٻولي جي سرموڙ ليکڪ، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري غلام حسين رنگريز جي 80 ھين سالگراهه تقريب جي موقعي تي مزار تي حاضري ڀري ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ موسيقي جي وڏن نالن الھڏنو خاصخيلي ۽ محبوب خاصخيلي کي مڃتا ايوار پڻ ڏنا ويا. تقريب جي صدارت ڪندي اديب ۽ شاعر محمد علي مانجھي خطاب ڪندي چيو ته غلام حسين رنگريز سنڌي ادب جو وڏو نالو ھو، سندس ادبي پورھيو ڪتابي صورت ۾ موجود آھي، رنگريز ادبي سنگت کي سلھاڙي ھڪ سڳي ۾ پوئي ڇڏيو ۽ قومي تحريڪ ۾ به ڪردار ادا ڪيو. الھڏنو خاصخيلي ۽ محبوب خاصخيلي کي موسيقي سان بي انتھا محبت ھئي جيڪا محبت کين اڳيان کڻي آئي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته سائين غلام حسين رنگريز، الھڏنو خاصخيلي، محبوب خاصخيلي تمام وڏا نالا ھئا. رنگريز گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو، رنگريز بٺوري جي اندر نه رڳو سياسي ڪردار پيدا ڪيا پر ھن ادبي شاگرد پڻ ڪيا. سندس پورھيو تاريخ ۾ سدائين ياد رھڻو آھي ٻئي پاسي اديب پروفيسر قادر بخش مگسي چيو ته رنگريز نه رڳو اديب ۽ شاعر پر ھڪ زبردست تعليمدان پڻ ھو، رنگريز جو قلمي پورهيو ايندڙ نسلن کي شاد آباد ڪندو رھندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز خطاب ڪندي چيو ته سائين رنگريز پنھنجي جوھر ۾ ھڪ ٻاجھاري ڪردار جو مالڪ ھو، سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو حادثو ھو، سائين غلام حسين رنگريز جي نياڻي فھميدان رنگريز چيو ته بابا سائين سياست ۽ ادب ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سڄي حياتي قومي تحريڪ سان سلھاڙيل رھيو، سندس فڪري پورھئي سنڌ ۾ قومي ڪارڪن پيدا ڪيا ۽ جيڪي اڳيان ھلي تمام وڏا نالا ٿيا، جڏھن ته تقريب کي سنڌو رنگريز پڻ خطاب ڪيو ۽ ڪئنالن جي رٿا خلاف نعرا ھڻايا. تقريب کي غلام نبي زئور، نور محمد کيبر پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ قادر بخش زئور، آڪاش زئور، عبدالغني ملاح، صادق لاکو، محرم پنھور، اصغر ميمڻ، عطا شاھ، طابع قبمراڻي، ڪريم شورو، عرس ڪھير، دائود زئور، ذولفقار ميمڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ منصور خاصخيلي، مجاھد خاصخيلي محفل موسيقي ڳائي داد حاصل ڪيو.