ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري ڊائريڪٽر فرحان اختر جي نئين فلم ”ڊان ٿري“ لاءِ 275 ڪروڙ جي بجيٽ رکي ڇڏي، هندستاني ميڊيا موجب ڊائريڪٽر چاهي ٿو ته فلم کي انٽرنيشنل معيار موجب بڻائي ته جيئن ان کي عالمي طور تي پيش ڪري سگهجي. 275 ڪروڙن سان گڏ نئين فلم ڊان سريز جي سڀ کان مهانگي فلم بڻجي ويندي، اها فرحان اختر جي ڪيريئر جي به مهانگي ترين فلم ثابت ٿيندي. فلم ۾ رنوير سنگهه سان گڏ ڪيارا ايڊواني ايڪشن ۾ نظر ايندو ۽ فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال آگسٽ ۾ ٿيندي. واضح رهي ته ان بجيٽ ۾ اشتهاري مهم جي رقم شامل ناهي، اها گڏائي بجيٽ 300 ڪروڙ کان اڳتي وڌي ويندي.