لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا پاڪستان خلاف ميچ ۾ افغانستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته افغانستان کي پاڪستان تي سرسي ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي جيڪڏهن سومر تي چئني جي پچ اسپن جي حق ۾ هجي. هن چيو ته افغان اسپنر ميچ تي حاوي ٿي سگهن ٿا،.