لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيو آهي ته اڳوڻو ڪپتان ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا ڪمنٽري لاءِ آزاد آهي، هن مٿان ڪنهن قسم جي ڪابه پابندي نه آهي، اهو جتي به چاهي ڪمنٽيٽر طور ڪم ڪري سگهي ٿو.  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب رميز راجا کان پهريان معافي گهرڻ ۽ پوءِ ڪمنٽري لاءِ درخواست ڏيڻ جو ڪوبه مطالبو ناهي ڪيو، بورڊ رميز راجا جي اهڙي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پي سي بي جي انتظاميا ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي به ان کان اڳ ميڊيا ڪانفرنسز ۾ ان جي وضاحت ڪري چڪو آهي. واضح رهي ته رميز راجا سوشل ميڊيا چينل تي چيو هو ته نئين ميجنمينٽ ڪميٽي چاهي ٿي ته مان پهريان هنن کان معافي وٺان ۽ ڪمنٽري لاءِ درخواست ڏيا، ڇا واهن کي لڳي ٿو ته مان ايئن ڪندس.