ڪراچي(اسپورٽس نيوز) رمضان ايندي ئي ماڻهن جي اڪثريت پنهنجون روز مرهه جون سرگرميون تبديل ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ۾ ورزش نه ڪرڻ به شامل آهي، جنهن سبب فٽنيس جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ماڻهو سوچيندا آهن ته رمضان ۾ روزا رکڻ سبب روٽين کي هڪ مهيني لاءِ تبديل ڪيو وڃي پر ان ڳالهه کي بنياد بڻائي ورزش ڇڏي ڏيڻ مناسب ناهي.ان حوالي سان نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ فٽينس ٽرينر رضوان نور اهم مشورن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته رمضان ۾ به ورزش کي نه ڇڏڻ گهرجي، جيڪڏهن روزي سبب توهان توانائي محسوس نٿا ڪيو ته افطاري کانپوءِ ورزش کي معمول بڻايو. سندس چوڻ هو ته رمضان ۾ فٽنيس لاءِ ورزش ڪرڻ مڪمل طور محفوظ آهي، ماڻهن کي هن مهيني ۾ به ورزش جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي، ڇو ته ان جو نقصان ناهي پر توهان وڌيڪ تندرست رهندئو.