ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر ۽ ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته رمضان ۾عوام کي بهترين سفري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. صوبائي وزير سان آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪلفٽن ۾ ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي اعليٰ آفيسرن ملاقاتون ڪيون آھن. ملاقاتن ۾ سيڪريٽري ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن عاطف الرحمان ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن کاتن بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي ۾ انقلابي قدم کڻڻ ۽ سُڌارن جون ھدايتون جاري ڪيون. هن چيو تھ ٽيڪسيشن جي نظام کي اثرائتو ۽ منظم بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا وڃن. ھن ٽيڪسيشن نظام کي وڌيڪ جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان وڌيڪ موثر بڻائڻ جون بھ ھدايتون ڏنيون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آھي، جنھن ۾ اھم فيصلا ڪيا ويندا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري اسد ضامن ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو بھ ملاقاتون ڪيوبن. ٽرانسپورٽ اختيارين سان ملاقات دوران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عوام کي بھترين سفري سھولتن جي فراھمي ۾ ڪابھ ڪسر نھ ڇڏي وڃي. ھن ھدايت ڪئي تھ رمضان جي مبارڪ مھيني ۾ عوام کي بھترين سفري سھولتن جي فراھمي ھر صورت يقيني بڻائي وڃي.