لاهور(م ڊ) رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ئي منافعي خورن کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا. ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن ۾ في درجن بيضا 230 رپين مان وڌي 272 رپين جا ٿي ويا آهن، ٻاڪرو گوشت 200 رپيا واڌ سان 2500 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، جڏهن ته ڳائو گوشت 1100 رپين مان وڌي 1400 رپين جو ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ 124 رپين مان وڌي 155 کان 160 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي، جڏهن ته صوف، ڪيلا، هنداڻو، نارنگي، اسٽرابيري جي قيمت ۾ به 100 کان 300 رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي.