اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم رمضان پيڪيج بابت آءِ ٽي وزارت کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج لاءِ شارٽ ڪوڊ 9999 استعمال ڪيو ويندو ۽ آءِ ٽي وزارت شارٽ ڪوڊ کي رمضان پيڪيج جي پيغامن جي تصديق لاءِ يقيني بڻائيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ٽي وزارت کي موبائل نمبرن سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ کي ميچ ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏنو ويو آهي، جڏهن ته رمضان رليف پيڪيج لاءِ اين ٽي سي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو. ذريعن موجب رمضان رليف پيڪيج تحت 39 لک خاندانن کي روڪ رقم ڏيڻ ۽ پيڪيج تحت في حقدار خاندان لاءِ هڪ ڀيرو 5 هزار رپيا روڪ مالي امداد جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيڪيج جي بجيٽ جو ڪاٿو 20 ارب 50 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، هن ڀيري اهو پيڪيج يوٽيليٽي اسٽورز ذريعي فراهم نه ڪيو ويندو.