اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار رمضان پيڪيج جي ورهاست لاءِ ڊجيٽل والٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف واکاڻ ڪندي چيو آهي ته ان پروگرام ذريعي 40 لک مستحق خاندانن ۾ 20 ارب رپيا ورهايا ويندا. ڊجيٽل والٽ ذريعي مستحق خاندانن ۾ رقم جي شفافيت سان ورهاست کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم رمضان پيڪيج 2025ع جي مانيٽرنگ سسٽم جو جائزو وٺڻ لاءِ نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مانيٽرنگ سينٽر وٽ موصول ٿيندڙ ڪالز جي مڪمل ڊيٽا موجود آهي ۽ روزانو هزارين ماڻهو سينٽر کي فون ڪري معلومات حاصل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 14 ارب رپين جي رقم مستحق ماڻهن ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي ۽ هر مستحق جي مڪمل ڊيٽا موجود آهي، پر رقم وصول ڪندڙ مستحق ماڻهن جو انگ اڃا گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته ڊجيٽل والٽ پروگرام هڪ نئون تصور آهي. ان ذريعي مستحقن کي گهر ويٺي امداد ملندي. انهن کي قطارن ۾ بيهڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ نه ئي ضروري شين جي معيار بابت ڪا شڪايت هوندي. هر خاندان ان رقم کي پنهنجي مرضي مطابق استعمال ڪرڻ جي قابل هوندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مستحقين ڏانهن منتقل ڪيل رقم ڪڍرائڻ جي شرح تمام گهٽ آهي، ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي ڏني وڃي. اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ۽ لاڳاپيل اختياريون گڏجي عوام کي ڊجيٽل والٽ جي طريقيڪار بابت آگاهه ڪن. وزيراعظم 9999 تي فون ڪري پروگرام بابت ڄاڻ ورتي. هن 9999 تي مليل شڪايتن بابت به ڄاڻ ورتي. وزيراعظم چيو ته مستحقن ۾ فنڊن جي ورهاست بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ دير جي ممڪن ٿي رهي آهي. جديد نظام ذريعي ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ٿي چڪو آهي..