رمضان جي آمد : مهانگائي جو طوفان اچي ويو، سنڌ سرڪار، مقامي انتظاميا ۽ واپاري ذميوار قرار، حڪومت غريب ماڻهن لاءِ رليف پئڪيج ڏي: عوام

0
26
رمضان جي آمد : مهانگائي جو طوفان اچي ويو، سنڌ سرڪار، مقامي انتظاميا ۽ واپاري ذميوار قرار، حڪومت غريب ماڻهن لاءِ رليف پئڪيج ڏي: عوام

ٽائيم  نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته رمضان کان اڳ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ؟ ذميوار ڪير ؟ اوهان جي علائقي ۾ سرڪاري اگهن تي عمل ٿئي پيو ؟ مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سنڌ سرڪار، مقامي انتظاميا، واپارين کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته رمضان جو مهينو ايندي ئي مهانگائي وڌي ويندي آهي، غريبن کي ٻنهي هٿن سان ڦريندا آهن، حڪومت ۽ مقامي انتظاميا کي گهرجي ته عام واهپي وارين جي اگهن واري لسٽ جاري ڪري ۽ سختي سان انهي تي عمل ڪرائي، جيڪو به وڌيڪ اگهه وڌي انهي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سروي ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته حڪومت پاران غريب ماڻهن کي رليف لاءِ رمضان پئڪيج ڏنو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته رياست ۽ انتظاميا ذميوار آھي جيڪي ذميواري نڀائڻ بدران انهن سان انھي ڪم ۾ ڀاڳي ڀائيوار آھي، ،منظور زرداري لکيو ته ذميوار ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار آهي تڪ جا چونڊيل نمائندا به ذميوار آهن رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ پنجوڻ تي ريٽ وڌائيندا غريب طبقو ويتر پريشان آهن، مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته ذميوار حڪومت آهي حڪومت کي گهرجي ضلعي انتظاميا ذريعي سختي سان قانون تي عمل ڪرائي، عبدالوحيد ميمڻ لکيو ته سرڪاري عملدار اگهن تي ڪنٽرول ته ڪونه ٿا ڪن ويتر رڳو ننڍن دڪانن وارن صندل ۽ ريڙهن وارن تي ڏنڊ هڻي ڏهاڙي پيا ٿا ٺاهن، باقي ريٽ وڌڻ جا ذميوار انتظاميا سان ڳڏ دڪاندار آهن، راجڪمار اوڏ لکيو ته رياست جي نااهلي ڪري هتان جو غريب طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي اسان سرمائيدار طبقو ڏينهون ڏينهن امير ٿي رهيو آهي جڏهن ته رمضان شريف جي مقدس مهيني اندر مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪرندو، مافيا غريبن کي ٻنهي هٿن سان ڦرندا، اسان وٽ مهانگائي جي ڪري بدامني عروج تي آهي، هڪ وڏو سوال اهو به آهي ته مهانگائي ڪري خودڪشيون وڌي رهيو آهن حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ناڪام وئي آهي رمضان جي  مهيني حڪومت ڪو عوام پئڪيج ناهي ڏئي سگهي، ونود اداسي لکيو ته ڊي سي ، اي سي ، مختيارڪار ۽ ھر قسم جا واپاري سڀ جا سڀ ملوث ڏٺا ويا آهن هٿرادو مهانگائي ڪرڻ ۾ ، اڪثر ڪري رمضان شريف جو ڀلارو مھينو ايندي ئي مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاھر نڪري ايندو آھي ۽ مرغي ، گوشت ، سبزي وڪڻندڙن سميت دڪاندار شين جا اگھه وڌائي ڇڏيندا آھن ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل ھوندي آھي، عامر علي جوڳي لکيو ته اسان جي ڳوٺ مرزاپور ۾ ڪيتري ئي عرصي کان عام واهپي جي شين ۾ واپارين پاران پنهنجا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهي، لاڳاپيل اختياريون اي سي ڳڙهي ياسين ۽ ڊي سي شڪارپور ڪڏهن به اسان جي ڳوٺ اچي ڪري واپارين کان ريٽ معلوم نه ڪيا آهن ۽ نه وري ريٽ لسٽون لڳل آهن. ارشاد سومرو لکيو ته رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا، اسان سڀ ڪرپٽ آھيون، ھن سموري ڪاروهنوار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھيون، دل کي عيد جو ڏٽو ڏئي سڀ ڪمائڻ ۾ لڳي ويندا آھيون، مدثر کهاوڙ لکيو ته ان جي ذميوار حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ تعلقي انتظاميا آھي پر اهي واپارين سان ٻڌل آھن ڪڏھن به ڊپٽي ڪمشنرن، اي سيز ۽ مختيارڪارن مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ ڇاپا ناهن هنيا، هاڻي رمضان مهينو ايندو ته صحافين کي ايلاز ڪري چوندا اسان ڇاپا هڻون ٿا ڪوريج ڪيو، عبدالجبار چانگ لکيو ته رمضان شريف جو ڀلارو مھينو ايندي ئي عام واھپي جي شين جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آھن ۽ ڪامورا اگھور ننڊ ستل ھوندا آھن مفت جون پگھارون پيا کڻندا آھن، فقير منان لغاري لکيو ته رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو خاص عبادتون ڪرڻ جو مھينو آھي پر افسوس اسان ھن ملڪ ۾ ماڻھو پنھنجي ڪمائيءَ جو مھينو سمجھي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيندا آهيون، ارشاد علي سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، اسد زرداري لکيو ته رمضان شريف جو ڀلارو مھينو شروع ٿيڻ سان ئي عام واھپي جي شين جا اگھه چوٽ چڙهي وڃن ٿا، اسان جي شھر ۾ ڪو به ريٽ لسٽ تي عمل ناھي، منافعي خور واپاري ۽ دڪاندار من پسند شين جا ريٽ مقرر ڪري ڇڏن ٿا، انتظاميا قدم کڻي، عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته هميشه جيان رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ منافعي خور مافيا واپارين جي سرڪاري عملدارن سان ڳٺ جوڙ ڪري شهرين کان واڌو اگهه وٺڻ لاءِ تيار ويٺا آهن جيڪي هن ڀيري به ڪروڙين رپيا سيڙپ ڪري ڪروڙن رپيا ڪمائي هڪ ٻئي جو پيٽ ڀريندا عوام کي عوامي نمائندن طرفان ڪو به رليف فراهم نه ٿيڻ ڪري عوام ساڳيو ئي سورن ۾ آهي. جي آر چانڊيو لکيو ته ذميوار ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت آھي، سانگھڙ ضلعي ۾ ھن وقت جيڪي سبزيون 10 رپيا ڪلو وڪامجن پيون، اھي سبزيون رمضان ۾ 200 رپيا ڪلو وڪرو ٿينديون ۽ فروٽ جا اگھه به آسمان تي پھچي ويندا، ريٽ لسٽن تي عمل نٿو ٿئي، ضلعي انتظاميا کي ريٽ لسٽن تي عمل ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن، قاسم خاصخيلي لکيو ته عام ماڻھو جو ڪوبه حال پڇڻ وارو ناهي مهانگائي سبب مسڪينن جو جيئڻ ابتر بنجي ويو آھي ان کي روڪڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪي فرشتا صفت انسان ايندا ته ڪا بهتري جي اميد هوندي باقي پراڻا حڪمران ۽ پراڻيون خبرون سالن کان ساڳيون هيڊلائين رهنديون، شوڪت علي لکيو ته اسان جي شهر غوثپور ۾ بلڪل به عمل ڪونه ٿئي پيو رمضان شريف ايندي ئي مختلف شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا هتي ٻين شهرن کان وڌيڪ سبزين ۽ مڇي مرغي گوشت سميت ۽ ٻيو شيون مهانگيو لڳيون پيون آهن، ڪو به ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو آفيسر نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي، جيڪو غريب ماڻهن سان وڏو ظلم لڳو پيو آهي اسين ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته اچو پاڻ وزٽ ڪريو ۽ هٿرادو ريٽ لڳرائيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪريو، عبدالجبار پيرزادو لکيو ته هر شئ ۾ ٻيڻو واڌارو آيو آهي، مزمل نثار احمد لکيو ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مسلمانن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون وينديون آهن ۽ هتي وري اگهه وڌايا ويندا آهن، ممتاز مولائي پنهور لکيو ته سڀ کان پهريان ڊي سي، مختيارڪار ۽ واپاري سڀ ڀائيوار آهن، مظهر علي ٻجورو لکيو ته انتظاميا سميت واپاري ۽ پوليس سڀ ذميوار آهن، نقاش پيرزادولکيو ته توھان هميشه پڇندا آھيو ذميوار ڪير ؟ چا اوھان ميڍيا وارن کي خبر ناھي تي حڪومت ذميوار آھي ڪنٽرول به اھا ڪري سگھي ٿي، وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪن، برڪت علي لغاري لکيو ته اسان جي علائقي ۾ اي سي آهي، جوهي تعلقي ۾ پر آفيس ۾ بس بورڊ لڳل آهي، مهانگائي تي ڪنٽرول نٿو ڪيو وڃي، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته رمضان کان اڳ انتظاميا ريٽ لسٽون جاري ڪري، هر دڪان تي لسٽ موجود هجي، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته اسان جي تعلقي ھيڊڪواٽر ميرپور ساڪرو ۾ حد جو مختيارڪار چون ٿا ته گذريل ٻن مھينن کان آفيس ۾ ناهي ويٺو، عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن ڪير به ڪارروائي نٿو ڪري، حاجي خان پنهور لکيو ته رمضان جو مهينو ايندئي مهنگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري آيو آهي زاهد راڄپر لکيو ته رياست جي رٽ ڪمزور آھي. جنھن ڪري مھانگائي جھڙا مسئلا ضابطي ھيٺ ناھن.عبدالمجيد لکيو ته اسان ضلعي بدين تعلقه ماتلي ۾ آفيسر ننڊ ستل آهن، مرغي جو ڪلو 900 رپيا ٿي ويو آهي، طاهر سنڌي، شوڪت علي، عمران جوڻيجو، ريحان علي، الهه بخش کوسو، ڪامران کوکر، عبدالله کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، مهراڻ لغاري لکيو ته ڀان سعيد آباد ۾ کنڊ جو 50 ڪلو وارو ڪٽو 7600 رپيا ۽ اٽو مڻ 3500 رپيا ٿي ويو آهي، عزير احمد عباسي، گل حسن شر، سڪندر لطفي، شنڪر لال به سروي ۾ حصو ورتو، افضل لاشاري لکيو ته اسان جي تعلقي ميرپور ساڪري جي واپارين پنهنجا هٿ ٺوڪا ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، اڪرم علي گجو لکيو ته انتظاميا سان گڏ اسان سڀ خاص ڪري واپاري طبقو ذميوار آهي، نماڻو نوناري، عابد الله ٻپڙ، صنم دل، مختيار مولائي، محمد بخش بروهي، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، محمد اسماعيل لانگاهه به ردعمل ڏنو، بشير ميراڻي لکيو ته ذميوار حڪومت آهي، ڪو به عمل نه ٿيو آهي نه ئي آسرو آهي، ريٽ لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي جنهن تي عمل ڪرائڻ ضلعي انتظاميا سان گڏ تعلقي جي انتظاميا جي ذميواري آهي، برڪت الله لکيو ته ڪامورا ذميوار آهن، سمير احمد لکيو ته واهي پانڌي ڪاڇي ۾ وڏي مهانگائي آهي. حڪومت کي گهرجي ته کائڻ پيئڻ واريون شيون سستي ڪري غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، اويس احمد، خان بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، بابر رستماڻي لکيو ته اسان وٽ ٽڪي ڌڙي وڪامندڙ گدرا به اڻلڀ ٿي ويا، سبب صرف رمضان جي ڪري، ذميوار سڄي انتظاميا آهي حڪمران آهن اسان جيڪي ٽماٽا وڪيا انھن جا ريٽ هيئنر ڊبل ٿي ويا، آفتاب شميم به ردعمل ڏنو، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته رڳو سکڻا اعلان ٿيندا آهن عمل ڪير ڪرائيندو رمضان شريف ھجي يا محرم الحرام جو مهينو عام واھپي جي شين ۾ واڌ ئي واڌ نظر آئي آھي ڪمي ڪٿي نه ڏٺي آھي، ضرورت ان ڳالهه آھي ته سڀ گھرجون پوريون ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ڊي سي  کي سختي سان اعلان تي عمل ڪرائڻ گھرجي، احسان علي لغاري لکيو ته ھر سال رمضان جي مھيني ۾ ائين ٿيندو رھندو، رمضان جو مھينو ھنن لاءِ ڪمائي جو مھينو ھوندو آهي سنڌ حڪومت کي کپي ھن ڀلاري مھيني جي آمد کان اڳ منافي خورن خلاف ڪارروائي ڪري، اياز کهاوڙ لکيو ته هميشه جڏهن به رمضان ايندو آ ته واپاري هٿرادو اگھه ٻيڻا ڪري عوام کي ڦرلٽ ڪندا آهن، شاهد بلوچ لکيو ته ھتي رمضان شريف ايندي ئي ماڻھو چوندا آھن مھانگائي وارو مھينو اچي ويو، مير غلام شبير لکيو ته ذميوار ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت آھي سانگھڙ ضلعي ۾ ھن وقت جيڪي سبزيون 10 رپيا ڪلو وڪامجن پيون اھي سبزيون رمضان ۾ 200 رپيا ڪلو وڪرو ٿينديون، ريٽ لسٽن تي عمل نٿو ٿئي ضلعي انتظاميا کي ريٽ لسٽن تي عمل ڪرائڻ گهرجي، حسن رضا لکيو ته رمضان شريف جو ڀلارو مھينو ايندي ئي عام واھپي جي شين جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آھن ۽ ڪامورا اگھور ننڊ ستل ھوندا آھن مفت جون پگھارون پيا کڻندا آھن، عاقب وسطڙو لکيو ته رڳو سکڻا اعلان ٿيندا آهن عمل ڪير ڪرائيندو؟ رمضان شريف ھجي يا محرم الحرام جو مهينو عام واھپي جي شين ۾ واڌ ئي واڌ نظر آئي آھي، عبدالغفار لکيو ته ذميوار ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت آھي، ريٽ لسٽن تي عمل ڪرايو وڃي، غلام ياسين، راجا بشارت ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.