ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ مهانگي وڌي وئي، ڀاڄين، ميوات سميت کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي پهچي ويا، ان ڏس ۾ ڪمشنر پاران جاري ڪيل اگهه پار موجب بصر جي في ڪلو قيمت 50 ۽ بچت بازارن ۾ 80 رپيا في ڪلو تي پهتل هئي ڳاڙهي پٽاٽي جو سرڪاري اگھه 50 ۽ بچت بازارن ۾ اگهه 70 کان 80 رپيا ڪلو هو، ڀينڊي جو سرڪاري اگهه 110 ۽ بچت بازارن ۾ 150، مٽر جو سرڪاري اگهه 40 ۽ بچت بازار ۾ ملهه 70 کان 80 رپيا، شملا مرچ درجه اول جو سرڪاري اگهه 40 ۽ بچت بازار ۾ 100 رپيا في ڪلو هلي رهيو هو، ديسي ادرڪ جو سرڪاري اگهه 330 ۽ بازار ۾ 600، ليمن جو سرڪاري اگهه 500 ۽ بازار ۾ 600 رپين تي پهتل هو. ڪمشنر پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي عمل ڪرڻ بجاءِ دڪاندارن پنهنجا اگھه مقرر ڪري ڇڏيا هئا.