رمضان المبارڪ ۽ مهانگائيءَ جو مڪنو هاٿي!

0
35
پوليو جي پاڙ ڪڏهن پٽبي پاڪستان مان؟

هونئن ته مهانگائي سڄو سال مسلسل وڌندي رهندي آهي، جنهن جي ثابتي شماريات کاتي جا انگ اکر آهي، پر رمضان المبارڪ ۾ ته مهانگائيءَ جي واڌ بنهه تيزيءَ سان ٿئي ٿي، ۽ اعلانن جي باوجود منتظمين مهانگائيءَ کي ضابطي ۾ آڻي نه سگهيا آهن. توڙي جو شهرن ۾ اگهن جون لسٽون به لڳايون ويون آهن، پر اتي به اَي- ڪئٽيگريءَ جي اسم واري اگهه ۾ سي- ڪئٽيگريءَ جون شيون وڪرو ٿي رهيون آهن.  مهانگائيءَ سبب ماڻهن جون زندگيون ۽ جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. حڪمرانن جو ان ڳالهه سان ڇا وڃي ته ماڻهو مرن ٿا يا جيئن ٿا. اسان جي ملڪ جا “نيرو” رڳو بانسري وڄائڻ ۾ پورا آهن. مهانگائي ان حد تائين وڌي وئي آهي، جو ماڻهن لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. حڪمرانن وٽ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوبه مڪينزم ڪونهي.

 ماڻهو پنهنجن ٻچن کي جيڪو اڳ ۾ هڪ ويلو مس کارائي سگهندا هئا، اهي هاڻ ان کان به محروم ٿيندا وڃن. وڌندڙ غربت ۽ اڻهوند جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ خودڪشيون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. مهانگائي ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهي پر اتي عوام کي ان کان بچائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ٿا، سبسڊي ڏني وڃي ٿي، اتي ته مقدس ڏينهن ۽ خاص تهوارن تي شين جي اگهن ۾ خصوصي رعايت ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ واپاري ۽ دڪاندارن کي هي مهينو ئي ڪمائيءَ جو مهينو نظر ايندو آهي. اهي سڄي سال جون ڪسرون هن ئي مهيني ۾ ڪڍندا آهن. ماڻهو پنهنجي ٻچن کي هڪ ويلي جي ماني به نه پيا کارائي سگهن. ماڻهو ٻِٽي عذاب ۾ آهن. هڪ پاسي حڪومت هر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪندي انهن جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف مختلف مافيائون مهانگائي وڌائي عوام جو رت ست نپوڙي رهيون آهن. ايتريقدر جو انهن کي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جو به احساس نه آهي. جيتريقدر حڪومت جو تعلق آهي ته مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو به مڪينزم نه آهي ۽ واپاري، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦُري رهيا آهن. اهي جڏهن به چاهين ٿا، طلب ۽ رسد کي غير متوازن ڪري مهانگائيءَ کي مهميزون هڻي ٿا ڇڏين. هڪ طرف حڪومت مهانگائيءَ ۾ اضافو ڪندي وڃي ته ٻئي طرف ڍري انتظامي گرفت جو فائدو وٺي ناجائز نفعي خوري ڪندڙ واپاري ۽ دڪاندار پنهنجي طرفان اگهه وڌائي رهيا آهن.

 هي ملڪ تمام گهڻا معدني وسيلا رکي ٿو. جتي جي کاڻين مان سون نڪرندو هجي، جتي سامونڊي بندرگاهه هجن، جتي ڪاري سون (ڪوئلو) جا ذخيرا هجن، جتي لاتعداد سياحتي ماڳ هجن، ان ملڪ جي معيشت ڪشڪول تي آڌاريل هجي، ان لاءِ ته ذميوار اهي حڪمران آهن، جيڪي ملڪي وسيلا عوام تي خرچ ڪرڻ بدران انهن کي تين وال ڪري رهيا آهن. عالمي استحصالي ادارن ۽ سامراجي ملڪن کي ملڪي وسيلن تائين رسائي ۽ راهداري ڏيڻ کان پوءِ اسان وٽ ڪجهه به نه رهيو آهي. اهي سڀ ڪجهه کڻي ويا آهن ۽ اسان کي ڪشتو ڏيئي ڇڏيو اٿن. ملڪ تڏهن ئي خوشحال سمجهيو ويندو آهي، جڏهن عوام خوشحال هوندو آهي. عوام جو رت ست نپوڙڻ سان ملڪ خوشحال ناهن ٿيندا. هن ملڪ ۾ لاتعداد وسيلن جي هوندي به جڏهن قرض ۽ ڪشڪول تي انحصار ڪرڻو پوي ته اها صرف حڪمرانن جي ڪوتاهي آهي، هو اهي ملڪ لاءِ ڪا بهتر مستقل يا ڊگهي مدي واري معاشي رٿابندي جوڙي نه سگهيا آهن. ملڪ کي ايڊهاڪ جي بنياد تي هلايو پيو وڃي. هر حڪمران پاڻ کي صرف پنهنجي اقتداري مدي لاءِ ذميوار سمجهي ٿو ۽ ملڪي وسيلن جي استعمال لاءِ ڪا منصوبابندي جوڙڻ بدران قرض کڻي ملڪ هلائي ٿو ۽ وري ٻي حڪومت اچي خزاني خالي هجڻ جي واويلا ڪري نوان قرض کڻي ٿي. باقي کوٽ عوام مان پوري ڪئي وڃي ٿي. ان ڪري عوام تان بار گهٽايو وڃي. مهانگائي ختم ڪئي وڃي ته عوام لاءِ جيئڻ جا گس کلن. خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي روڪڻ لاءِ حڪومت کي تحرڪ وٺڻ گهرجي.