رمضان المبارڪ کان اڳ ئي مهانگائيءَ جي “آمد”

0
40
بلوچستان معاملي جي سياسي حل جي ضرورت
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

مهانگائي مسلسل وڌي رهي آهي. مهانگائيءَ سبب ماڻهن جون زندگيون ۽ جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. حڪمران چون ٿا مهانگائي گهٽجي ويئي آهي، معاشي اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن. حڪمرانن جو ان ڳالهه سان ڇا وڃي ته ماڻهو مرن ٿا يا جيئن ٿا. اسان جي ملڪ جا “نيرو” رڳو بانسري وڄائڻ ۾ پورا آهن. هاڻي جيئن جيئن رمضان المبارڪ جو مهينو ويجهو ايندو وڃي، واپاري ۽ دڪاندار مهانگائيءَ کي مهميزون هڻڻ لڳا آهن. رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ئي منافعي خورن کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ في درجن بيضا 230 رپين مان وڌي 272 رپيا في درجن ٿي ويا آهن، ٻاڪرو گوشت 200 رپيا واڌ سان 2500 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، جڏهن ته وڏو گوشت (بيف) 1100 رپين مان وڌي 1400 رپين جو ٿي ويو آهي. کنڊ 124 رپين مان وڌي 155 کان 160 رپيا في ڪلوگرام وڪامي رهي آهي، جڏهن ته صوف، ڪيلا، هنداڻو، نارنگي، اسٽرابيري جي قيمت ۾ به 100 کان 300 رپين تائين واڌ ٿي وئي آهي.

هونئن ته سڄو سال مهانگائي راڪيٽ فتاريءَ سان وڌندي رهي ٿي پر رمضان المبارڪ ۾ ته مهانگائيءَ جو سونامي اچي ويندو آهي. حڪمرانن وٽ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوبه مڪينزم ڪونهي. ماڻهو پنهنجن ٻچن کي جيڪو اڳ ۾ هڪ ويلو مس کارائي سگهندا هئا، اهي هاڻ ان کان به محروم ٿيندا وڃن. وڌندڙ غربت ۽ اڻهوند جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ خودڪشيون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن. زندگيءَ جي اذيت ايتري ته سرس ۽ سوائي ٿي وئي آهي جو ماڻهو موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي باوجود به حڪمران مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ بدران ڏينهون ڏينهن عالمي استحصالي ادارن جي فرمائشن تي ڪڏهن گئس جا اگهه پيا وڌائين ته ڪڏهن بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن، جنهن سان ماڻهن جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عوام کي ايترو پيڙڻ ۽ نپوڙڻ باوجود به اها رقم ڪيڏانهن پئي وڃي، ان جي ڪابه خبر ڪانهي ۽ نه ئي وري ان جو ڪو انت ٿيندي نظر اچي ٿو. ڪابه رياست پنهنجي عوام کي پيڙي پنهنجي معيشت نٿي هلائي سگهي ۽ نه ئي وري ڪشڪول جي آڌار تي معيشتون هلي سگهنديون آهن. معيشت هلائڻ لاءِ ته بهتر معاشي پاليسيون ٺاهي انهن تي عمل ڪرڻو پوندو آهي.

رمضان المبارڪ دوران رسد ۽ طلب کي غيرمتوازن ڪري مهانگائي وڌائي وڃي ٿي. رمضان ۾ اٽو، کنڊ، ميوا، گوشت، ڪوڪنگ آئل ۽ ٻين شين جي طلب وڌي وڃي ٿي، جنهن جو ناجائز فائدو وٺي واپاري هٿراڌو مهانگائي پيدا ڪن ٿا۔ ان کانسواءِ ذخيرو اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ به مهانگائيءَ ۾ واڌ جو سبب آهي. مڊل مين ۽ هول سيل ڊيلرز رمضان کان اڳ شين جو ذخيرو ڪري وٺن ٿا ۽ پوءِ انهن کي وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪن ٿا۔ قيمتن تي ڪنٽرول جو نظام بنهه ڪمزور آهي. سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. حڪومت وڌ ۾ وڌ ايترو ڪري ٿي جو مهانگائي کي ڪنٽرول لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن کي اختيار ڏنا ويا آهن، جيڪي وڌ ۾ وڌ کڻي ڇاپا هڻي سگهن ٿا ۽ اها سرگرمي به صرف رمضان جي مهيني ۾ نظر اچي ٿي. واپارين ۽ دڪاندارن تي ڏنڊ وڌا وڃن ٿا، جيڪي وري ترن جو تيل ترن مان ڪڍي وٺندا آهن.

مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته، نه صرف رمضان ۾، پر سڄو سال مارڪيٽ ۾ روزاني جي بنياد تي قيمتن جي نگراني ڪئي وڃي. گودامن تي ڇاپا هڻي غيرقانوني طور ذخيرو ڪيل شيون ضبط ڪيون وڃن۔ شين جي ڊجيٽل ٽريڪنگ جو نظام متعارف ڪرايو وڃي۔ حڪومت کي گهرجي ته مارڪيٽ جي سپلائي چين تي سخت نظر رکي ته جيئن مصنوعي کوٽ پيدا نه ٿئي۔  هول سيل مارڪيٽ ۾ سڌارا آندا وڃن ته جيئن مڊل مين جو ڪردار گهٽجي سگهي۔ ڊجيٽل قيمت مانيٽرنگ سسٽم لاءِ  موبائل ايپ ۽ هيلپ لائين متعارف ڪرائي وڃي، جتي شهري وڌيڪ اگهه جي شڪايت داخل ڪرائي سگهن۔  مارڪيٽ ۽ دڪانن تي سرڪاري اگهن جي لسٽ نمايان نموني لڳائي وڃي.