رمضان المبارڪ جو مهينو ۽ “معاشي دهشتگردي”

0
32
رمضان المبارڪ ۽ مهانگائيءَ جو مڪنو هاٿي!

دهشتگردي صرف بندوقن ۽ بمن سان نه پر ماڻهن کي، عام واهپي جي شين جون قيمتون وڌائي ڦرلٽ ذريعي به ڪئي ويندي آهي. اها معاشي دهشتگردي هونئن ته سڄو سال جاري رهندي آهي. پر خاص طور تي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ان جو عروج هوندو آهي. اڄ رمضان المبارڪ جو پهريون روزو آهي ۽ چنڊ ڏسڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي عام واهپي جي شين، فروٽ، ڀاڄين، گوشت، مڇيءَ جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. حڪومت جي واعدن باوجود اگھن تي ڪو به ضابطو اچي نه سگھيو آهي. ٻيو ته هن مقدس مهيني ۾ مذهبي اجتماع ٿين ٿا، عوامي هنڌن، مارڪيٽن ۽ عبادتگاهن ۾ دهشتگرديءَ جا خطرا وڌي ويندا آهن ۽ حڪومت جي ان حوالي سان ڪارڪردگي سڀني کي ساري پئي آهي، تنهنڪري هر وقت خوف ۽ خطرا ماڻهن جو ساهه سڪائي رکن ٿا.

رمضان المبارڪ جو مهينو شروع ٿيندي ئي قيمتون راڪيٽ رفتاري سان وڌڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ حڪومت وٽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو به طريقيڪار ڪونهي. توڙي جو ضلعي انتظاميه طرفان ٽيمون ته جوڙيون وينديون آهن، جيڪي دڪانن تي ڇاپا هڻي وڌيڪ اگھ وٺندڙن کان ڏنڊ وصول ڪن ٿيون پر اها سرگرمي به گھڻي ڀاڱي شهرن ۾ ٿئي ٿي پر ٻهراڙين ۾ اهو به پڇاڻو ڪونهي. جن دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيا وڃن ٿا، اهي وري ترن جو تيل ترن مان ئي ڪڍي وٺن ٿا. دڪاندار اگھن جون لسٽون نمايان هنڌن تي نٿا هڻن يا وري لسٽون لڳائڻ جي ضرورت ئي محسوس نٿا ڪن. رڳو فروٽ کي ئي ڏسجي ته سِي ڪيٽيگري جو فروٽ اي ڪيٽيگري جي اگھ ۾ فروخت ڪن ٿا. اصل ۾ هجڻ ائين گھرجي ته مارڪيٽ ۾ طلب ۽ رسد جي توازن کي برقرار رکيو وڃي ته ان سان قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ممڪن بڻجي سگھندو.

هي مهينو صرف عبادتن، روزي ۽ نماز جي لحاظ کان ئي اهم ناهي، بلڪه ان دوران سماجي سرگرميون به وڌي وينديون آهن. پاڪستان ۾ رمضان دوران امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ قانون ۽ انتظام جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پوي ٿو. ان جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي سماجي، مذهبي ۽ سيڪيورٽي جي مختلف پہلوئن سان جڙيل آهن. رمضان جي مهيني ۾ عوام جو وڏو تعداد بازارن، تجارتي مرڪزن ۽ مسجدن جو رخ ڪري ٿو. افطار وقت، خاص ڪري عيد جي خريداري دوران، عوامي هنڌن تي بي پناہ رش ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان دوران بي ترتيبي، دھشتگردي ۽ ٻين جرم جو خطرو وڌي ويندو آهي. اهڙن حالتن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جو ڪردار انتهائي اهم ٿي ويندو آهي جيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي بدنظمي يا غير ضروري هجوم کي روڪڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. پاڪستان ۾ رمضان دوران سڪيورٽي جي صورتحال خاص طور تي حساس ٿي ويندي آهي، خاص طور تي جڏهن دهشت گرد گروهه مختلف عوامي هنڌن يا مذهبي اجتماعن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ماضي ۾ اهڙا واقعا پيش آيا آهن جتي رمضان دوران دهشت گردي جون ڪارروايون ٿيون. ان لاءِ، امن قائم رکڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي بھتر ڪاڪردگي انتهائي ضروري آهي. انهن جي سرگرمين ۾ عوامي اجتماعن جي حفاظت، مسجدن ۽ امام بارگاھن جي سيڪيورٽي، ۽ حساس هنڌن تي چيڪنگ کي يقيني بڻائڻ شامل آهي.

رمضان دوران، بازارن ۾ افطار جو سامان خريدڻ لاءِ ماڻهن جو هجوم وڌي وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جا مسئلا ۽ قانونن جي خلاف ورزيون ٿين ٿيون. ان کان علاوه، مذهبي رواداري ۽ امن ۽ سڪون کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مختلف فرقن ۽ مذهبن جا ماڻهو گڏجي رهندا آهن. رمضان ۾ فرقيواريت يا مذهبي تڪرار به وڌي سگهن ٿا. ان لاءِ پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو آهي ته امن جي فضا قائم رکڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. ان سان گڏوگڏ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. صرف روايتي انداز سان ڇاپا هڻڻ سان اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ناهي. رسد ۽ طلب جي توازن کي بهتر ڪرڻو پوندو.