ڪاڇو  ( ن پ ا) اين اي 228 تي اميدوار  رفيق احمد جمالي  ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن پير بخش لاشاري، دودو برهماڻي، صاحب خان لغاري، عرس لغاري  ۽ واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي ٻين ڳوٺن ۾ خطاب ڪندي ڪاڇي جي تباهه ٿيل روڊن جو ڪم مڪمل نه ڪرائي سگهڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته روڊن جو ڪم اڃا هلندڙ آهي. پير  بخش لاشاري ۾ رئيس امان الله لاشاري جي ميزباني هيٺ منعد ڪيل جلسي ۾ خطاب ڪندي  رفيق احمد جمالي  چيو ته  اسان پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪاڇي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، جنهن جي بدولت اسان هر ڀيري ڪاڇي مان ڪاميابي ماڻي آهي، ڪاڇي ۾ 3 دفعا مها ٻوڏ اڄڻ باوجود روڊ رستا تعمير ڪرايا هن وقت به ڪاڇي جي اهم رستن جو اعلي ڪوالٽي سان ڪم هلندڙ آهي. پ پ مخالف قوتون  ماڻهو تيار ڪري هٿ جا ڊراما ڪرائي اسان جي خلاف پروپيگينڊ ڪن ٿا پر اسان ۾ برداشت آهي، اسان پنهنجي مخالف کي اليڪشن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾  ڀرپور جواب ڏينداسين.