اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ ميان رضا رباني پي ٽي آءِ ليڊر فواد چوڌري جي گرفتاري بنا جواز قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته سيڪشن 124 اي، پي پي سي 1860 تحت فواد چوڌري جي گرفتاري بنا جواز آهي، بغاوت جي الزامن جي معاملي تي منهنجو بل سينيٽ 9 جولاءِ 2021ع تي پاس ڪيو هو پر ڄاڻي واڻي اِهو بل قومي اسيمبلي مان گم ڪيو ويو. هن چيو ته مُلڪ جي اِها تاريخ رهي آهي ته سياستدان ۽ سويلين خلاف بغاوت ۽ غداري جا الزام مڙهيا ويندا آهن اِها به حقيقت آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ بغاوت جي الزامن تحت خاص عدالت جي ڪارروائي کي ختم ڪري ڇڏيو هو جيڪا آرٽيڪل 6 تحت اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف هئي. رضا رباني پنهنجي ئي حڪومت صلاح ڏني ته هو ان قلمن تحت ڪارروائي ڪرڻ کان پاسو ڪري، حڪومت کي گهرجي تي هو پاڻ منهنجي ذاتي بل کي ڏسي جيڪو اسيمبلي ۾ ڪٿي موجود آهي.