حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ دريائن مان 145 لک ايڪڙ فٽ پاڻي اچي ٿو. جنهن مان 20 ملين فٽ ايڪڙ پاڻي ضايع ٿئي ٿو. هن چيو ته 1991 ٺاه تحت 48 ايم ايف پاڻي مان 45 لک ملين فٽ پاڻي ملي اچي ٿو، آگسٽ. سيپٽمبر ۾ پاڻي وڌيڪ اچي ٿو، خريف لاءِ پهرين اپريل کان 10 جون تائين پاڻي جي کوٽ رهي ٿي. ان مند ۾ ڦٽي ۽ مڪئي جو فصل ٿئي ٿو. اهڙي ٺاهه تحت 10 ملين ايڪڙ فٽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي هيٺ ڇڏڻو آھي. 2005 ۾ ڊيلٽا تائين 8 ڏهائي 6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻو آهي. نه ته سمنڊ مٿي چڙهي ايندو. ھن چيو ته 2018 ۾ پاڻي جي پاليسي ٺهي. ايڪنڪ ڪميٽي فيصلو ڪيو آھي. چولستان ڪئنال جو سي سي آئي اي ۾ فيصلو ٿيڻو آهي، ھن چيو ته آبادي جي ڪري ڪئنالن جي پاڪستان کي ضرورت به آهي پر رضامندي سان ڪئنال ٺاھيا وڃن، آبادي وڌي پئي ، ھن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، چولستان ۾ ڊرپ ايرگيشن سان پاڻي ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آھي، جڏھن ته هي ڪئنال اپ اسٽريم مان نڪرندا. ھن چيو ته پاڻي جي مسئلي لاءِ سي سي آئي اي جو اجلاس سڏايو وڃي . ھن چيو ته رضامندي کانسواءِ ڪئنالن سان وفاق کي نقصان ٿيندو. ھن چيو ته ڪئنالن لاءِ غريب هاري جو پاڻي نه کنيو وڃي، وفاقي حڪومت اسان کي ٻڌائي ته ڪئنالن ۾ پاڻي ڪٿان ايندو. ھن چيو ته ڪئنالن ۾ فلڊ جو پاڻي ڪٿان ڪئين ايندو. اهو ته درياءِ ۾ ايندو آهي، ڪئنالن جي مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته سي سي آئي جو اجلاس ٿيڻ گهرجي، سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ان جي ذميوار پاڪستان پيپلز پارٽي آھي. ھن چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي آهي، ماڻھن ۾ قوت خريد نه رهي آهي، ماڻهو گاڏيون به خريد نه ڪري سگهندا. پاڪستان ۾ روزگار ناهي. پرڏيهه مان نوجوان پئسا موڪلين ٿا تڏهن ملڪ هلي ٿو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اچي هتي ٻڌائي ته اهي ڪئنالن جي خلاف ڇوآهن، سچي ۾ به ڪئنال جي خلاف آهن ته پاور جو استعمال ڪري ڪئنال جي منصوبن کي روڪرائين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان جي مستقبل جي مونکي خبر ناهي. پاڪستان ۾ ماڻهو ڏينهن به ڏينهن غريب ٿي رهيو آهي، هن حڪومت معاشي طور ڪجهه نه ڪيو آهي، ڪنهن به فيصلي تي عمل نه ڪيو آهي. ن ليگ حڪومت رڳو پگهارون وڌايون آهن ۽ 26 هين آئيني ترميم آندي آهي. حڪومت ماڻهن کي اسڪول لاءِ به خرچو ڏئي، ان موقعي تي صدر خالد کوکر ، سيڪريٽري جنرل حميد الرحمان انور سومرو، اڪبر سومرو، ايڊووڪيٽ محمد علي لغاري ۽ ٻيا موجود ھئا.