ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ”رشوت وٺندڙن بابت اطلاع ڏيو“  لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ملازم پاران سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ تي رشوت وٺڻ جو الزام مڙهڻ کانپوءِ مڪاني ادارن جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي عوام جي آگاهي لاءِ نوٽيس لڳايو ويو، ان ڏس ۾ لوڪل ڪائونسل جي هڪ ملازم سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ پيار علي لاکو تي رشوت وٺڻ جو الزام هنيو هو، جنهن بعد  مڪاني ادارن جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاھ جي هدايت تي لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري آفيس ٻاهران هڪ نوٽيس لڳايو ويو آهي.  نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ ڪو به آفيسر يا ملازم ڪنهن کان پئسن جي گهُر ڪري ته فوري اطلاع ڏنو وڃي، نوٽيس۾  لکيو ويو آهي ته سائلين يا ملازم ڪنهن کي به رشوت نه ڏين.