ممبئي(شوبز نيوز) ڏکڻ ڀارت جي اداڪاره رشميڪا مندنا هڪ فلم جو ڪيترو معاوضو وٺي ان بابت فوريز انڊيا جي طرفان رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ڏکڻ ڀارت جي اداڪاره رشميڪا مندنا صرف ٽالي ووڊ تي نه پر بالي ووڊ تي به راڄ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪا عيد تي رليز ٿيندڙ بالي ووڊ جي سڀ کان وڏي اداڪار سلمان خان سان فلم سڪندر ۾ گڏ نظر ايندي، انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته باصلاحيت رشميڪا مندنا پشپا ۽ اينيمل جهڙيون هٽ فلمون کانپوءِ هندستان سينيمائن جي صف اول جي عورتن مان هڪ آهي، هن وقت تقريبا ڀارتي فلمن جي بنيادي انتخاب ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي آهي، رشميڪا باصلاحيت اداڪاره سان گڏ هڪ مهانگي اداڪاره پڻ آهي، جاري ڪيل رپورٽ مطابق رشميڪا کي هڪ فلم جو 10 ڪروڙ رپين تائين معاوضو ڏنو وڃي ٿو، رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اداڪاره رشميڪا حيدرآباد، بنگلور، ممبئي ۽ ڪورگ ۾ گهر جيڪا 70 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن، ڏکڻ ڀارت جي اداڪاره تامل انڊسٽري ۾ نه پر هاڻي بالي ووڊ ۾ پهرين ترجيحن ۾ شامل ٿيندڙ اداڪاره بڻجي وئي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ بالي ووڊ جي ڪيترن ئي وڏي ناليواري اداڪارن کي پوئتي ڪري ڇڏيندي.