ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا رشميڪا منڌانا پنهنجي شاندار پرفارمنس ذريعي هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو، هوءَ 4 بلاڪ باسٽر فلمون ڏيندڙ پهرين اداڪارا بڻجي وئي آهي. رشميڪا جي نئين فلم ڇاوا باڪس آفيس تي شاندار ڪاميابي ماڻي رهي آهي، جنهن شروعاتي 5 ڏينهن ۾ 151.28 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته اها فلم عالمي سطح تي 500 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري سگهي ٿي. رشميڪا جي بلاڪ باسٽر فلمن ۾ ڇاوا (2025ع)، پشپا 2 (2024ع) اينيمل (2023ع)، وارث (2023ع) شامل آهن. رشميڪا جي ڪامياب فلمن جي فهرست ۾ واڌ ٿيڻ واري آهي، ڇو ته هوءَ سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ سميت ٻين وڏن پراجيڪٽن ۾ نظر ايندي.