رسين سان ٻڌل 12 سئو سال قديم ممي دريافت

0
388
رسين سان ٻڌل 12

ليما(دلچسپ نيوز) رسين سان ٻڌل 12 سئو سال قديم ممي دريافت ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب قديم آثارن، ممين ۽ حيرت انگيز داستانن جي ڌرتي پيرو جي راڄڌاني ليما کان 25 ڪلوميٽر پري قديمي ممي هٿ آئي آهي، ڪاها مورڪيلا ۾ هٿ آيل ان ممي جو جسم رسين سان ٻڌل آهي

ماهرن جو چوڻ آهي ته اها ممي 8 سئو کان 12سئو سال قديم آهي جڏهن ته سندس جسم رسين سان ٻڌل هجڻ جو سبب عورت جي تذليل ڪرڻ نه پر ان دور جي هڪ رسم هئي، جڏهن ته اها ممي عورت جي نه پر هڪ 25 کان 30 سالن جي نوجوان جي آهي جيڪو ان جابلو علائقي ۾ رهندو هو.