رسول ميمڻ: هڪ عظيم دانشور جو وڇوڙو!

0
46
رسول ميمڻ: هڪ عظيم دانشور جو وڇوڙو!

  هوُ جيڪو سوچ فِڪر علم ادب ۽ تنقيدي نِگاھه جو پيروڪار هو. هو جيڪو ننڊ ۽ آرام ۾ سائنسي فلسفي جي ذرڙن کي ميڙيندي جاچيندي پروڙيندي انهن نتيجن کي جڏھن ڪاغذ جي سيني تي ڪارن نيرن ۽ ساين اکرن سان لکي ڏسندو هو ته هُو وشال ڪائنات جي انهن پيچيده پيچرن تي هلڻ شروع ڪندو هو! هو اهڙي ئي تفڪر کي روحُ جي غذا ۽ حياتي جي بقاءَ جو گيان پيو سمجهندو هو ۽ ڳوليندو به هو. هو هميشه اهو چوندو هو ته “زندگيءَ جي حسن جو جوهرَ جستجو تڙپ ۽ جدوجهد ۾ ڦٽو ڪيل آھي!” اُھو شخص اُھو دانشور اُھو ماڻھو اڄ اسان کان جسماني طور جدا ٿيو آھي. جنهن لکيو هو ته

موت انڌو آهي، جيڪر اهو تنهنجو چهرو ڏسي ته زندگيءَ تي عاشق ٿي پئي. موت بي رحم بادشاھه آهي جنهن جي درٻار ۾ مھلت ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل نه آھي موت ٻوڙو سردار آهي جنھن تي آهُنِ جو ڪو اثر نه آهي، موت انڌو فقير آهي! جيڪو بنا تفريق سڀني جي در تي سَينَ هڻي ٿو.

رسول ميمڻ ايئن به لکيو هو ته “ دنيا جا سڀ موضوع موت تي ختم ٿي،نئين زندگ کي جنم ڏين ٿا.”

هن جنهن جاءِ جنهن ماڳ تي جنم ورتو هو. اھو ماڳ سنڌ جي فاتح ماڻھن جو هنڌ آھي. هن جنهن جڳھه تي پنهنجي شعوري ۽ فطري اکَ کولي هئي اُھا جاءِ سکر شهر هو، ۽ اُھي حسين لمحا جيڪي سنڌ کي هڪ يگاني ۽ فلسفي جي شڪل صورت ۾ ملڻ ويا پئي اُھو تاريخ جي پيٽ ۾ هضم ٿيل تاريخ هڪ جنوري 1956ع هئي.

هو اديب جيڪو هر پنڌ کي ۽ پيڙاءُ کي ارتقا چوندو هو. جنهن لاءِ امر جليل پڻ چيو هو ته “ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي”.

رسول ميمڻ صاحب سان منهنجي ملاقات جو هڪ خيال هڪ اوسيئڙو هڪ تمنا هڪ خواهش هڪ اهڙو تصور بنجي وئي آھي، جيڪا هاڻي شايد منهنجي زندگي جي هڪ عظيم ڏُک مان تبديل ٿي چڪي آهي! هن سان ڪال تي ڪچهري ٿيندي هئي. هُو جيڪو باربار اهو نصيحت ڪندو هو ته “يار ادب ۾ ارتقا ضروري ڇو ناهي؟” هو ايئن به چوندو هو ته “ڇا سنڌي ڪهاڻي وقت ۽ دور جي فِڪري پيچرن تي هلي نه ٿي سگهي!” هو اهڙو تخليقڪار جنهن سنڌي ڪهاڻي جي جديد مزاج تي گهڻو ڌيان ڇڪايو. هن جي اھا خواهش هن جي روح جي گھراين تائين پئي ڏنگ ڏيندي هئي ته“اسان وٽ ڪهاڻي جو مزاج تبديل ڇو نه ٿو ٿئي! هو جيڪو اهو چاهيندو هو ته سنڌي ڪهاڻي عالمي سطح جي فنپاري ۽ گهاڙيٽي ۾ پنهنجو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي.”

مون ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جڏھن ميسنيجر تي مئسيج ڪيو ته “سر ميرپورخاص ڪڏھن پيا اچو ۽ طبيعت اميد ته بهتر ٿي چڪي هوندي؟” هُن مونکي ٻه ڏينهن بعد ريپلائي ڪيو هو ته “يار طبيعت ۾ مزو ناهي، گذريل ٻن راتين کان آرام جي ديوي کي ويجهو اچڻ نه ڏنو آھي، هوءَ مون تي گهڻو ڏمريل آھي ۽ مونکي اڃان ڪجهه ڏينهن ۽ راتيون لڳنديون جو هن ديوي کي ويجهو اچڻ نه ڏيان شايد..!” مون رسول ميمڻ صاحب جا اهي مسينجر تي مونکي موٽ ۾ ڪيل مئسيج پڙھي سندس نمبر تي ڪال ڪئي، طبيعت پڇا ڪئي ته کلڻ لڳو ۽ وراڻيو ته يار ليک تون منهنجي ايتري فڪر نه ڪر مان موت کي مات ڏئي چڪو آھيان.

مون پنهنجا ڪم پورا ڪري ڇڏيا آھن. باقي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ميرپوخاص اچان پيو هن دفعي توسان ضرور ڪچهري ڪبي.آئون سائين جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي خوش ٿيو هئس جو سائين سان ڪچهري ڪبي.پر مونکي اها خبر نه هئي هُو جيڪو قالو بلا جهڙو ناول نگار به ايئن اوچتو هليو ويندو.هُو جنهن جي مسڪراهٽ ۽ جنهن جي لفظن ۾ هڪ ڊگھي ڄمار جو جيئندان پسي سگهجيو پئي! هُو جنهن جي نوڙت ۽ آڌرڀاءُ ۾ سنڌو جي سينڌ جو سونهن سمايل هو. هُو جيڪو عظيم دانشور هوندي به هڪ عام ماڻھو سان عام ماڻھو  ٿي ڳالهائيندو هو ۽ گفتگو پئي ڪندو هو.

هُو چوندو هو ته ادب جو ڪارج زندگي جي هر شعبي کي پلصراط سمجهي زندگي گذارڻ آهي ! جيڪو ماڻھو جهڙو ملي ان سان اهڙو بنجي ئي پيش اچجي، هر رنگ ۾ رڱجڻ ۽ هلڻ ئي  ادب جو ڪارج آھي. باقي جيڪي ڪارج وهنوار گهڙيا ٺوڪيا ۽ پابندي سان رکيا ويا آھن، انهن ۾ ڪارج ۽ ان ۾ صداقت جو مادو ڪيترو آھي سو مون ڪڏھن ڏسڻ ۽ پسڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي!

هُو چوڏھين سالن جي عُمر ۾ جڏھن مير معصوم لائبريري سکر ۾ وڃڻ لڳو هو، اُھا ڄمار ٽالسٽاءِ پڙھڻ جي نه هئي، اُھا عمر گارشيا مارڪيز سمجهڻ جي نه هئي! هي ان عمر ۾ رشين ادب پڙھي ڪهاڻي لکڻ جي ابتدا ڪري ٿو. هي چوندو هو ته ٽالسٽاءِ صوفي منش فقير قسم جو ليکڪ آھي. هو اهو به چوندو هو ته لطيف جبل شاعر آھي هن جي اڳيان دنيا جي ٻي شاعري ڀيٽي نه ٿي سگهجي، هُو اِھو پڻ چوندو هو ته اياز صاحب سنڌي ۽ جديد شاعري جو موجد آھي.

هُن کان ڪير پڇندو هو ته سنڌي ڪهاڻي ۾ جنهن عالمي ادب جي ڪهاڻي کي فني طور ڪنهن ڇهيو ته هُو دل وڏي ڪري چوندو هو ته سنڌي ڪهاڻي ۾ ماڻڪ ۽ حليم بروهي جو ناول اوڙاھه تمام زبردست قسم جو ڪم آھي، پر هن ناول کي چاليھه سالن بعد پذيرائي ملي آھي! ۽ پوءِ هُو ڏکارو ٿي، خشڪ چپن سان چوندو هو ته اسين پنج هزار سال پراڻي قوم آھيون پر افسوس اسان جي ادب جي ڄمار فقط هڪ سئو سال ڇو آھي.؟

هي اھو شاعر هو جنهن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون گُل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هن نوَ لکا نوَن هائيڪو تي هڪ نئين صنف متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هُو جيڪو پنهنجي ذاتي زندگي نوڪري جي حوالي سان خانه بندوش رهيو! هُو جيڪو اڄ به فائونٽين مس واري قلم سان لکندو هو، هُو جيڪو ڏاهپ جي راھه جو متوالو هو.هو فلاسافر هوندي به زندگي جي معاملن ۾ انتهاپسند نه رهيو! هُو جنهن پنهنجي صندوق ۾ رکيل ڪتاب برساتي پاڻي سبب پُسيو وڃن ٿا پر افسوس نه ڪندو هو! چوندو هو مزو تڙپ ۾ آھي، اهڙو مزو حاصلات ۾ ڪونهي.

هو جيڪو باغي به هو ته سالم به هو. هُو جيڪو فطرت جي هر مظھرَ ۽ لقاءُ سان بي پناھه  پيار  ڪندو هو. هُو جيڪو مسلسل ارتقائي متحرڪ حالت ۾ رهندڙ هڪ اهڙو يگانو قلمڪار به هو ته مصروف تر رهندڙ خاموش ماڻھو به هو.هُو جنهن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ ٿي چاهي! پر وقت ايتري وٿي نه ڏني جو هو ڪم ڪري وڃي سگهي ها. هُن جو قلم ۽ سندس فائونٽين پينَ اڄ به لکڻ واري ٽيبل تي اداس آھن. ايئن غمگين آھن جيئن ڪنهن ڀڳل ٽاري تي ڪي يتيم پکيئڙا پنهنجي ماءُ جي اچڻ جو انتظار ڪندا هجن. هُو جيڪو اڄ اسان کان جسماني طور ويو هليو پر هي اسان جي روح ۽ فڪر کان ڪيئن ٿو جدا ٿي سگهي؟ هڪ فلاسافر هڪ عظيم دانشور جنهن جا فِڪري پنڌ پيڙائون ۽ ڀوڳنائون اسان جي علمي ادبي پرورش ڪنديون رهنديون.