رسول بخش پليجي ڪهڙي سنڌ اڏڻ ۽ ڏسڻ پئي چاهي؟

0
45
رسول بخش پليجي ڪهڙي سنڌ اڏڻ ۽ ڏسڻ پئي چاهي؟

  هن دنيا جي گولي تي رهندڙ اربين انسانن جا هر دور ۽ وقت ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ مختلف، متضاد، هڪٻئي جي ابتڙ ۽ گڏيل مقصد، خواهشون، واٽون، گس، رستا ۽ منزلون رهيون آهن. جن مان هڪڙن انسانن جي ڪل ڪائنات فقط ئي فقط پنهنجي ڪٽنب تائين محدود هوندي آهي، اهي فقط ان ڪٽنب لاءِ ڪمائن ٿا ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي انهن جي زندگي جو واحد مقصد هوندو آهي. وري ٻين جي منزل صرف پنهنجي نجي زندگي کي خوش ۽ آسوده رکڻ ۽ ان لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏڻ آهي، ٽين لاءِ وري پنهنجي آس پاس، ذات پات، ڪڙم قبيلي جي خوشحالي اولين ترجيح هوندي آهي، وري ڪن لاءِ پنهنجي اشرافيه ۽ خوشحال طبقي جي مستقل بالادستي کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ وڏي کان وڏي عياشي هوندي آهي. ايئن سوين هزارين قسم جا گروهه، طبقا ۽ ٽولا آهن، جيڪي صدين کان وٺي هڻ هڻان ۾ لڳا پيا آهن. پر انهن سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ فخر جوڳو، سڀ کان وڌيڪ عوام دوست ۽ انسان دوست طبقو آهي، پورهيت ۽ هاري جو. مظلومن جو، پيڙهيل طبقي جو. جنهن سان هر منٽ، هر ڪلاڪ، هر پهر، هر ڏينهن، هر رات، هر هفتي، هر مهيني، هر سال ۽ هر صدي ظلم جو هڪ اڻ کٽ سلسلو جاري آهي. ان پيڙهيل طبقي جو نسل پوري ڌرتي تي ڦهليل آهي. الڳ الڳ ملڪن، خطن، علائقن ۽ جاگرافي حدن ۾، اڪثريت ۾ هوندي به غلام آهن يا غلامي جهڙي زندگي گهاري رهيا آهن. بي تحاشا وسيلن جا وارث هوندي به لاوارث ۽ يتيم آهن. اڻ مئي خوراڪ موجود آهي، پر اهي بکئي ۽ اڌ بکئي پيٽ حياتي گذارين ٿا. دنيا جا اهي ڪيڏا نه خوشنصيب شخص آهن، جيڪي انهن غريبن ۽ پورهيتن جي زندگي ۾ خوشحالي ۽ انقلابي تبديلي آڻڻ لاءِ ان کي پنهنجي زندگي جو اولين ۽ اعليٰ مقصد بڻائين ٿا. رسول بخش پليجو به دنيا جي انهن خوشنصيب ۽ عظيم شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي پوري حياتي اهڙي عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ گذاري ڇڏي.

سچ ته رسول بخش پليجي ان عظيم مقصد کي اڳيان رکي عوامي تحريڪ ان لاءِ نه ٺاهي هئي ته هن کي رهبر يا ليڊر ٿيڻ جو شوق هو، پر هن پورهيت طبقي مان سوين هزارين مخلص، سچا، پڙهيا، لکيا، ۽ صفا نوان انسان پيدا ڪرڻ چاهيا پئي، جيڪي پنهنجي پيڙهيل طبقي کي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪن ۽ وڏي ڪاميابي سان اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريائين. رسول بخش پليجي هزارين ڪتاب پڙهي، انهن جو گهرو مطالعو ڪري، انهن جو تجزيو ڪري، انهن تي لکي پنهنجي پاڻ کي هڪ وڏو عالم، اسڪالر، محقق، دانشور ثابت ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هن پورهيت ۽ پيڙهيل طبقي مان سوين هزارين اهڙا، ليکڪ، عالم، اسڪالر، دانشور ۽ محقق پيدا ڪرڻ چاهيا پئي، جيڪي پنهنجي پيڙهيل طبقي جو هڪ سگهارو آواز بڻجي انهن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي گهٽائن ۽ ان لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪري ڇڏين. رسول بخش پليجي ڏينهن رات، گرميون هجن توڙي سرديون هجن، آمريت هجي يا نام نهاد جمهوريت، هن پنهنجي پورهيت طبقي جي جدوجهد کي صرف ان ڪري جاري نه رکيو جو هُن ڪو نالو ڪمائڻ پئي چاهيو پر هن چاهيو پئي ته اسان ان طريقي ۽ رستي سان جدوجهد ڪري پنهنجي تاريخي حق حاصل ڪريون نه ڪي ڪنهن کان پني يا رحم جي اپيل ڪري وٺون يا ڪنهن مير، پير سيد، وڏيري، جاگيردار کي هٿ ٻڌي عرض ڪري وٺون. هن سڄي زندگي وڪالت ان لاءِ نه ڪئي هئي ته هُو ان مان صرف پيسا ڪمائي پنهنجي زندگي خوش گذاري سگهي، پر وڪالت ذريعي هن سوين هزارين نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ  ٿي چاهيو ۽ ان سان گڏ آئين ۽ قانون وسيلي جدجهد ڪرڻ جي تربيت پئي ڏني ته جيئن اسان جو ماڻهو آئين ۽ قانون مطابق جدوجهد ڪرڻ جو هنر سکي ۽ ان وسيلي پنهنجا حق حاصل ڪري، نه ڪي ڪنهن جو غلام ٿي. هُو سنڌ جي هر ضلعي، تعلقي، ديهه توڙي ڳوٺ ۾ ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي يا ڪنهن مير، پير، سردار، وڏيري جي مهمان ٿيڻ بدران پنهنجي غريب ساٿي جي گهر اچي ان جي ٿانو ٺڪر ۾ پاڻي پيءُ ۽ ماني جا ٻه چار گرهه هڻي، ان جي اڱڻ تي ويهي ٻڌايو ته وڏيراشاهي يا امير طبقي جي ڪنهن شخص وٽ مهمان ٿيڻ بدران پنهنجي غريب دوست ۽ ساٿي سان وقت گذاريو ۽ هن کي پنهنجو ڪيو. اهڙي طرح هن پاڻ کي پنهنجي عوام سان ڳنڍيو ۽ پنهنجي ساٿين جي به اهڙي تربيت ڪيائين. هُو علم ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ان ڪري ڪندو هو جو اسان جو ماڻهو رواجي موضوعن ۽ بحثن کان هٽي ڪري علمي، فڪري ۽ نظرياتي ڪچهريون ڪري. اجايو وقت نه وڃائي، فضول ڳالهيون نه ڪري، ڪم جون ۽ اهم ڳالهيون ڪري، اجائي ڄاڙي يا غير ضروري ڳالهين ۾ وقت نه وڃائي. تنهن ڪري هن ڪچهري جا موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏيا. هُو دوستن ۽ ساٿين کان اٽي ۽ گهرو پريشانين کان وڌيڪ ملڪ ۽ سنڌ ۽ پورهيت عوام جي نجات ۽ ان جي آزادي جي حوالي سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ ڪچهرين لاءِ صفا نوان موضوع کڻي آيو. رسول بخش پليجو وڏي محنت ۽ تاريخي حوالن سان پريس ڪانفرنسون تحرير ڪري صحافين، سب ايڊيٽرن ۽ پروف ريڊرن جي تربيت ڪندو هو. هن کي خبر هئي ته اسان جي  صحافين جي اڪثريت روز مره جي خفي مان واندا ٿي ڪي تاريخي ڪتاب نه پڙهندي هوندي، تنهن ڪري انهن کي پڙهائڻ جي لاءِ ۽ انهن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ هُو پريس رليز لکڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪندو هو، جيئن انهن جي به جيتري ٿي سگهي تربيت ڪجي. جلسن جلوسن ۽ جدجهد جي ميدان ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻين سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو مقصد هو ته سنڌ ۽ ملڪ جون وطن دوست ڌريون ۽ پارٽيون به ايئن ڪن. جلسن، جلوسن، لانگ مارچن، مظاهرن، ريلين ۽ بک هڙتالن تي ٻارن، عورتن ۽ ٻين کان تقريرون ڪرائڻ، ٽيبلوز پيش ڪرائڻ قومي ۽ عوامي گيت ڳارائڻ جي پويان به اهو مقصد هوندو هو ته انهن کي پرجوش بڻائجي، انهن ۾ رومانويت پيدا ڪجي، ان سان دلي جذبو ۽ دلي وابستگي پيدا ڪجي، ان کي خشڪ نه ڪجي، ان مان عوام بيزار نه ٿئي ۽ عوام ان ۾ جسماني طور نه پر شعوري ۽ دلي طور ان ۾ شامل ٿئي ۽ هميشه ان جو حصو رهي.

تنهن ڪري رسول بخش پليجو هڪ نئين سنڌ اڏڻ لاءِ هر وقت تحرڪ ۾ هو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ به هن جو روح ۽ جسم ان مقصد جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ هو. اڄ سندس جنم ڏينهن تي اسان مان جيڪڏهن ڪو رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهي ٿو ته هن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سڀ کان زبردست گس ۽ واٽ سندس نقش قدم تي هلڻ ئي آهي، ان تي پنڌ ۽ عمل ڪرڻ ئي آهي، هن جي ڏسيل واٽ ۽ فڪر کي عملي جامو پهرائڻ ئي آهي.