رسول بخش پليجو ۽ انسان ذات جو شعور

0
435
رسول بخش پليجو ۽ انسان ذات جو شعور

 سنڌ جي عظيم مارڪسي، انقلابي، وطن دوست ليڊر ۽ دانشور ۽ عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي اربع 7 جون تي ملهائي پئي وڃي ۽ هن جو انتقال 7 جون 2018ع تي ڪراچي ۾ ٿيو هو، ان وقت سندس عمر 88 سال هئي. ان جي تدفين سندس اباڻي شهر جنگشاهي ۾ ڪئي وئي، جتي هر سال وانگر هن سال به ورسي جي تمام وڏي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي. کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هزارين ماڻهو اتي موجود هوندا.

                 سنڌ جي ڌرتيءَ تمام وڏن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي. سنڌ جي تاريخ جي افق تي نظر وجهنداسين ته عظيم ماڻهن جي هڪ ڪهڪشان نظر ايندي، ان  ڪهڪشان ۾ جيڪي ستارا وڌيڪ چمڪندي نظر ايندا، انهن ۾ هڪ ستارو رسول بخش پليجو پڻ آهي. پليجي صاحب ۾ تمام گهڻيون اعليٰ خوبيون هيون، جيڪي ڪنهن به وڏي انسان ۾ هجڻ گهرجن. هو فقير منش ۽ درويش صفت انسان هو پر ان ۾ بادشاهن کان به وڌيڪ وضعداري پڻ هئي. هو اورچ ۽ محنتي سياسي ڪارڪن سان گڏوگڏ هڪ اهڙو رهبر پڻ هو، جنهن کي سياسي تحريڪ کي درست رخ ۾ وٺي وڃڻ جو مڪمل ادراڪ هو. هو هڪ عالم ۽ دانشور به هو پر ان سان گڏوگڏ چومکي ويڙهه وڙهندڙ جنرل پڻ هو. وطن دوست ۽ قومپرست هجڻ سان گڏوگڏ بين الاقواميت تي پڻ ويساهه رکندو هو. هو سنڌي عوامي جي حقن جي جدوجهد کي باقي دنيا جي حالتن سان ڳنڍي اڳتي وڌائڻ جو قائل هو. سندس ڳاڻيٽو صرف سنڌ ئي نه پر ڏکڻ ايشيا جي انهن وڏن اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي وطن ۾ وڏيراشاهي، نوڪرشاهي، آمريت، نوآبادڪاري ۽ سامراج خلاف ڊگهي جدوجهد ڪئي ۽ وڏيون وڏيون تحريڪون هلايون.

رسول بخش پليجي سان منهنجي ملاقات 1980ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ ٿي. منهنجو انتهائي محترم دوست، ڀاءُ ۽ سينئر صحافي نذير لغاري ان وٽ مونکي وٺي ويو هو، پوءِ ان سان ملاقاتن جو سلسلو ان جي حياتي تائين جاري رهيو. ساڻس آخري تفصيلي ملاقات جنوري 2018ع ۾ قاسم آباد حيدرآباد ۾ سندس گهر تي ٿي هئي. مونکي خبر پئي ته سندس طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، آئون، نذير لغاري ۽ منهنجو هڪ بزرگ دوست مشتاق احمد فريدي سندس طبيعت پڇڻ لاءِ وياسين، ان ڏينهن هو تمام گهڻو ڪمزور پئي لڳو. هو سُڪي هڏين جو ڍانچو ٿي ويو هو. هن جي حالت ڏسي اسان سوچيو ته ساڻس گهڻي دير ويهي کيس وڌيڪ تڪليف نه ڏيڻ گهرجي پر اسانکي تمام گهڻي حيرت ٿي، جڏهن هن چيو ته توهان مانجهاندو ڪري پوءِ وڃجو، توهان گهڻن ڏينهن کانپوءِ آيا آهيو. منهنجي دل پئي چيو ته آئون ساڻس گهڻي دير گڏ ويهان. هن ڏينهن واقعي هڪ ڊگهي ڪچهري ٿي. سنڌ، پاڪستان، دنيا جي حالتن تي ان جي تجزئي اسان جي ذهنن جون ڳڙکيون کولي ڇڏيون. اڄ جيڪي ڪجهه اسان جي ملڪ ۽ دنيا ۾ ٿي رهيو آهي، اسان پليجي صاحب جي تجزين جي روشني ۾ ڏسون ٿا ته اسان ڪنهن ابهام ۽ مونجهاري جو شڪار نٿا ٿيون. 88 سالن جي بيمار ۽ ڪمزور انسان جي يادداشت، ان جي علم، ان جي دليلن ۽ ان جي گفتگو جي ربط کي ڏسي اسان حيران ٿي ويا هئاسين. هن چئين ڪلاڪن دوران پنهنجي بيماري جو ذڪر ئي نه ڪيو. اسان ان جي ڳالهين مان موت جو خوف يا ڊپريشن کي محسوس نه ڪيو. ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي ساڳي ئي جُڙت هئي، جهڙي ريت جواني ۾ هوندي آهي. ان ڏينهن مونکي محسوس ٿيو ته پليجي صاحب جي جسم ۽ روح جو رشتو ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو پر هو مرندو ڪون. هو انسان ذات جو اهڙو شعور آهي، جيڪو وقت سان گڏوگڏ ارتقا پذير رهندو. اسان جڏهن به پليجي صاحب سان ملندا هئاسين، اسانکي اهو احساس ٿيندو هو ته اسان جي سوچ ۽ اسان جا تجزيا ننڍن دائرن جي اندر هئا ۽ پليجي صاحب جي گفتگو جي علم ۽ دليلن جي وهڪري ۾ اها دائرا ازخود غائب ٿي ويندا هئا ۽ دنيا وڌيڪ چٽي نظر اچڻ لڳندي هئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ اهو احساس ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي فڪري مغالطن کي ڪيئن دور ڪنداسين. هي ڪالم تحرير ڪندي مون جڏهن پنهنجي لائبريري مان سندس ڪتاب “صبح ٿيندو” جا ورق ورائڻ شروع ڪيا ته خبر پئي ته اسانکي هاڻ پليجي صاحب جي تحريرن سان رجوع ڪرڻ گهرجي. پليجو صاحب پاڻ به گهڻ پڙهيو شخص هو ۽ سڀني کي گهڻي مطالعي جي تلقين ڪندو هو. هو صرف فردن ئي نه پر قومن کي به بنيادي سياسي تعليم ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هو.

“صبح ٿيندو” شايد 1970ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ڇپجي چڪو هو پر اڄ به اسانجي جديد دور جو اهو ڪتاب تجزيو ڪري ٿو. ان ڪتاب واقعي سڌي قومي سوچ جي تاريخ ۾ هڪ زبردست انقلاب آندو. ان ڪتاب ۾ انقلابي ۽ وطن دوست نظرئي تحت علم ۽ سائنس جي روشني ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ عالمي سياست جو تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي مظلوم، پيڙيل، چٿيل ۽ پوئتي پيل قومن ڪهڙي ريت پنهنجي آزادي ۽ ترقي جو   ٺاهيو آهي. هن ڪتاب ۾ وڏيراشاهي خلاف جدوجهد کي قومي جدوجهد جو لازمي حصو قرار ڏنو ويو آهي. ان ۾ قومي جدوجهد جي وڏيراشاهي واري نظرئي، مڊل ڪلاس جي نظرئي، پناهگير، پنجابي، نقلي ترقي پسند، ڪٽر نسل پرست ۽ سنڌ دشمن نظرين کي دليلن سان بي نقاب ڪيو ويو آهي ۽ قومي جدوجهد جو سنڌي، انقلابي وطن دوست نظريو اجاگر ڪيو آهي. ان ڪتاب ۾ سڄي ملڪ ۾ عوامي جمهوري اتحاد قائم ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي. پليجي صاحب چاليهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن.

مون پنهنجي زندگي ۾ پليجي صاحب کان وڏو مقرر ڪٿي به ناهي ڏٺو. جڏهن هو تقرير ڪندو هو ته ٻڌندڙ ان جي دليلن جي سحر ۾ جڪڙجي ويندا هئا. گفتگو جو انداز اهڙو ته وڻندڙ هو جو ماڻهو خواهش ڪندا هئا ته پليجو صاحب ڳالهائيندو رهي. ان جي تقرير دوران ماڻهن کي پنهنجي تعصب، تنگ نظري ۽ ڪم علميءَ جون ديوارون واريءَ وانگر ڀُرندي محسوس ٿينديون هيون ۽ اهي ان ڳالهه مان لطف اندوز ٿيندا هئا. پليجي صاحب پنهنجي تحريڪ ۾ جيڪي ساٿي بنايا اهي به ناقابل يقين اعليٰ صفتن جا مالڪ هئا، جن جي ذات صرف انهن جو نظريو آهي، جن جي زندگي ۽ جن جا وسيلا انهن جي نظرياتي جدوجهد لاءِ وقف آهن. اهي بهترين سياسي ڪارڪن، اعليٰ قدرن کان واقف ۽ وسيع مطالعو رکندڙ ماڻهو آهن. انهن ۾ جيڪا تنظيم آهي اها ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ ناهي. اهي ڪنهن هيرو، مذهبي يا روحاني پيشوا يا ڪنهن طاقتور هستيءَ جا جذباتي يا عقيدت وارا پوئلڳ ناهن پر اهي جديد دور جي هڪ سياسي مدبر جا باشعور سياسي ڪارڪن آهن، جيڪي جدوجهد جي مرحلن مان گذري آيا آهن. سياسي طور تي اهڙي باشعور سياسي سپاهه ڪنهن وٽ به موجود ناهي.

اهي عوامي تحريڪ جا ئي ڪارڪن آهن جن ننڍي کنڊ پاڪ هند يا ائين چئجي ته ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تحريڪن ۾ حصو ورتو آهي. هنن قيد ۽ بند جون سختيون سٺيون آهن ۽ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. انهن ۾ بلند تر سياسي شعور آهي. انهن اينٽي ون يونٽ تحريڪ، نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، بنگلاديش ۽ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن خلاف تحريڪ، جمهوري تحريڪن خاص طور تي ايم آر ڊي، ڀٽو بچايو تحريڪ، شاگرد مزدور ۽ هاري تحريڪن، تعليمي ادارن ۾ تشدد خلاف تحريڪ، اينٽي ڪالاباغ ڊيم تحريڪ، اينٽي ٿل ڪينال تحريڪ ۽ ٻين ڪيترين ئي تحريڪن ۾ مُهڙ واري دستي جو ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي خلاف به اهي ڪارڪن سڀ کان اڳتي هئا. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو هو. رسول بخش پليجي پر امن احتجاجن ۽ لانگ مارچن ذريعي جمهوري جدوجهد جو نئون رجحان ڏنو. هو پاڻ به يارنهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جيل ۾ رهيو ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس 1981ع ۾ ضمير جو قيدي قرار ڏنو. پليجي صاحب جي شخصيت ۽ ڪمالات تي هڪ آرٽيڪل ۾ سڀ ڪجهه لکڻ ممڪن ناهي. آئون بحيثيت صحافي ۽ سياسي ورڪر پنهنجي دور ۾ جيترن به سياستدانن سان مليو آهيان، انهن مان پليجي صاحب مونکي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. مونکي ان جي سياسي فڪر ۾ اها گهرائي ۽ رياضت نظر آئي آهي، جيڪا لطيف سائين جي شاعري ۾ آهي. پليجو صاحب پاڻ ئي چوندو هو ته آئون اڄ تائين ان سوال ۾ الجهيل آهيان ته لطيف سائين جي نفسيات ڇا هئي. ساڳي طرح آئون پڻ ان سوال ۾ الجهيل آهيان ته پليجو صاحب جهڙي غير معمولي انسان جي نفسيات ڇا هئي. اهو سوال دنيا جي هر غير معموملي انسان جي باري ۾ هوندو آهي.