حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي 95 هين سالگرھه جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي پيغام ڏيندي چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپھه سالار ھو. ھن سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو. ھارين، پورھيتن ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو. ھن چيو ته رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون. ان کان پوء اليڪشن لاء فيصلو ٿيو ته ايم آر ڊي ۾ گڏ رھندڙ اتحادي ھڪٻئي جي سامھون اميدوار نه بيھاريندا پر پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سوديبازي ڪري سنڌ جو حقيقي ڪيس ۽ مظلوم عوام جو آواز ايوانن تائين پھچڻ کان روڪڻ لاءِ اليڪشن ۾ رسول بخش پليجي جي سامھون اميدوار بيھاري ان جي رستا روڪ ڪئي. ھن چيو ته رسول بخش پليجو سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو ھو. ھو ھڪ فرد نه پر ادارو ھو. رسول بخش پليجي جي جدوجھد مظلوم عوام لاءِ ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي. پليجي صاحب جو مقصد ڪنھن کي اقتدار ڏيارڻ لاءِ ڏاڪڻ بنجڻ نه ھو. اياز لطيف پليجي چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ آھي ۽ سنڌ رسول بخش پليجو آھي. پليجي صاحب ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ جنگ ڪئي. ھن ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي جدوجھدون ڪيون.