ڪراچي (نمائندن وٽان) عوامي تحريڪ جي باني، سنڌ ۽ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي اڳواڻ، اسڪالر، مدبر، شاعر، اديب ۽ سنڌ جي پاڻي چوري جو تاريخي ۽ مضبوط ڪيس ٺاهيندڙ قومي وڪيل، سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو جي 95 هين سالگراهه، مختلف شهرن ۾ تقريبون، ڪيڪ ڪاٽيا ويا، آخري آرمگاهه تي گل نچاور ڪري سلامي ڏئي ڀيٽا پيش، گيتن جي گونجار، خبر موجب جنگشاھي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورنساءِ پليجو، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، مٺا خان لاشاري، گھنور خان زنئور، شاهه محمد چانگ، دريا خان زنئور، خالق گندرو، انور پالاري، بلاول لاشاري، غلام علي زنئور، حميد خشڪ، عزيز ميمڻ، مارو خشڪ، جميل پليجو، سليم پليجو، مسعود پليجو، رياض عباسي  ۽ ٻين رسول بخش پليجو جي آخري آرمگاهه تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪرڻ بعد سلامي ڏئي ڀيٽا ڪئي، گيت به جهونگاريا ويا، ڪڙيوگهنور ۾ قومي عوامي تحريڪ سٽي جي صدر سيد امام علي شاھ، حسين مهيري، اصغر نوتڪاڻي، گيانچند، موھن لعل، سڪندر، اشوڪ ڪمار،  پرڪاش جاکرا ۽ ٻين سالگراهه جو ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ڪئي، ميرپور ساڪرو ۾قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، مقصود جھتيال، حبيب الله پليجو، ينگ سوشل نيٽورڪ جي سرواڻ عبدالرزاق ڪلمتي، گلزار ڀڙج، وسيم ڀڙج، جميل لاشاري، غفور سومرو، علي محمد هولاڻي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ڪئي، ڏيئي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي رابطه سيڪريٽري لال جروار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دلدار لغاري، ضلع صدر مھراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، ايڊووڪيٽ ڪامران لاکو، ايڊووڪيٽ رمضان رند، رام ڪولھي، سنڌو جمالي، زرقا ھاليپوٽو، بيگم زنئور، فطرت ھاليپوٽو، دلدار نوحاڻي، گلزار نوحاڻي، فاضل ھاليپوٽو، محبت ھاليپوٽو، لطيف ھاليپوٽو، پرشوتم ڪولھي، لکمڻ ڪولھي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ڪئي، اسلام ڪوٽ ۾عوامي تحريڪ جي اڳواڻ دولترام، سنڌي شاگرد تحريڪ جي ضلعي صدر نارائڻ سنڌي، لکمي چند ڀيل، امرو مل، آنند پرمار، جيئرام داس ۽ ٻين سالگراهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، نئون ڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ممتاز جوڻيجو، اياز ڪلوئي، اياز کوسو، ممتاز قاسماڻي، رحمان ريگستاني، اشرف رند، ناديا ڪلوئي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ڪئي، ڊگهڙي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن رزاق جروار، امير بخش جروار، جوش جروار، غلام محمد چانڊيو، طالب جروار، موسي نوحاڻي، خير محمد چانڊيو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي سالگراهه ملهائي، ننگرپارڪر ۾ عوامي تحريڪ جي تعلقي صدرموھن ميگهواڙ، سنڌي شاگرد تحريڪ تعلقي صدر رميش ڪمار، ضلعي اڳواڻ وويڪ ميگهواڙ، ارجن ڪولھي، ڌانچند ڪولھي، ڀانجي ڪولھي،گووندا  ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ڪئي، نندوشھر ۾قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سانول گوپانگ، ضلع اڳواڻ ڪامريڊ حسين درس، عبدالرسول ملاح، پرويز علي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ ذوالفقار راڄپر، ذوالفقار واهوچو، وحيد راڄپر، ڊاڪٽر ايوب شيخ، قاضي آصف، ڪاشف بجير، عبدالقادر مڱريو، سعيد خاور، افشان خاصخيلي ۽ ٻين گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو، واهي پانڌي ۾عوامي تحريڪ جي اڳواڻن امير پريمي، عطا برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، نوشهروفيروز ۾ سگا ۽ عوامي تحريڪ پاران جنم ڏينهن جون الڳ الڳ تقريبون پريس ڪلب ۾ ٿيون، جنهن ۾ اعظم عالماڻي، ستار عمراڻي، لطيف ڀٽي، حسين سومري، صدام سومري ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيا، دادو ۾ عوامي تحريڪ تعلقي دادو طرفان ڀنڊ هائوس دادو ۾ سالگرھ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪاشف ملاح، گلڻ ڀنڊ، ممتاز ڀنڊ، عاطف ملاح، رياض پيچوهو، عابد ڀنڊ، گلشير رستماڻي، يونس لاشاري، ڪاشف سولنگي، شمن دايو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، ٺٽو ۾عوامي پورهيت تحريڪ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ جي اين کوسو، ڊاڪٽر ماروي پليجو، ڊاڪٽر پروين پليجو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پليجو سنڌو درياهه جو وڪيل هو، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان دوان رکڻ لاءِ هن سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سجاڳي پکيڙي ۽ رسول بخش پليجي جو فڪر سنڌي عوام لاءِ نجات جو فڪر آهي، هنن چيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا سنڌي عوام ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو.