نامياري سياستدان رسول بخش پليجو جي ٽئين ورسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽربيوٽ ٽو رسول بخش پليجو ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ رسول بخش پليجو جون تقريرون، تصويرون، تحريرون ۽ يادگار جملا شيئر ڪري سندس ياد تازي ڪئي وئي. عائشه خان لکيو ته رسول بخش پليجو ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، دانش پرمار لکيو ته هن انتهاپسندي جا بند ڀڃي ڇڏيا، جڏهن هن انڌا اونڌا ويڄ ڪتاب لکيو، حق ابڙو لکيو ته هُو عظيم انقلابي اڳواڻ هو، حفيظان وڌو لکيو ته انقلابي اڳواڻ کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، جي ايم ابڙو لکيو ته هو ليجنڊ هو،عاصمه جوڻيجو لکيو ته ايشيا جي عظيم ڏاهي پيڙهيل طبقي جي وڪيل کي سرخ سلام، سرمد پليجو لکيو ته روسي هن جو احترام ڪندا هئا، هڪ افغان صدر هن کان مشورو وٺندو هو ۽ هڪ ويٽنامي جنرل هن کان چاهيو ته هو بين الاقوامي سوشلسٽ دليل طئي ڪري، پاڪستاني آمرن هن کي ٽارچر ڪيو پر هن کي ٽوڙي نه سگهيا، هو سنڌ جي هوائن ۾ رهي ٿو، ديال صحرائي لکيو ته رسول بخش پليجو سنڌ ۾ جاگيرداراڻي نظام کي چيلنج ڪيو، شازيه جوڻيجو لکيو ته انساني حقن جو وڪيل رسول بخش پليجو سدائين پنهنجي جدوجهد جي ڪري ياد رکيو ويندو، ماروي پليجو رسول بخش پليجو جو قول شيئر ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته اسان جو تاريخ سان وچن ڪيل آهي ته اسان جا مڙهه ۽ مرده جسم ڀلي مٽي جي مڻن هيٺان دفن ٿيل هجن پر هڪ ڏينهن آخرڪار سنڌي قوم ضرور فتح حاصل ڪندي. سونهه ديوي مالهي، اياز لطيف پليجو، مرتضيٰ زنگيجو، خالق راهمون، مرتضيٰ چانڊيو، ماهنور حيا، نويد جروار، آغا صورت علي خان، جنت هاليپوٽو، روبينا شيخ، پرڀات هاليپوٽو، شمع منور، ذوالفقار چانڊيو، ڪائنات هاليپوٽو، سومل سولنگي، حسن پٺاڻ، دودو چانڊيو، جاويد اقبال لاڙڪ، خانزادي ڪپري، شبنم پليجو، سسئي پليجو، سورج سجاولي، شعور دائودپوٽا، مرڪ منان چانڊيو، علي عابد سومرو، اياز صالح پليجو، شوڪت علي سريوال ۽ ٻين پاران پڻ رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته رسول بخش پليجو عظيم ڏاهو، بهترين ليکڪ، وڪيل، سياستدان هو، هو تاريخ هو، هو شخصيت ۾ پاڻ هڪ يونيورسٽي هو، هن سنڌ جي جهر جهنگ ۾ تنظيم سازي ڪئي خاص طور عورتن کي وڌيڪ سياست ۾ متحرڪ ڪيو.