ھنڱورجا(ن پ ا) رسول آباد ڀرسان صوفي بزرگ حضرت پير پريل شاھ بخاري جو ساليانو عرس مبارڪ جو ميلو شروع ٿي ويو آھي ـ ملاکڙو راند جا چوٽي جا مقابلا ـ سنڌ پنجاب جي 100 پھلوانن ۾ چوٽي جا مقابلا پھلوان جبار چنو نظير ڀاڳت کي دسي مقابلو کٽي ورتو ـ ممتاز مولائي محفل مچائي ماڻھن کي جھومائي مست ڪري ڇڏيو تفصيل موجب رسول آباد ڀرسان صوفي بزرگ حضرت پيرپريل شاھ بخاري جو ساليانو عرس مبارڪ جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان شروع ٿي ويو آھي ميلي ۾ ملاکڙو راند جا چوٽي جا مقابلا ٿيا جنھن ۾ سنڌ پنجاب جي 100 کان وڌيڪ ملھ پھلوانن ملاکڙو جي ميدان ۾ حصو ورتو پھرين جوڙ جي پھلوان جبار چنو نزير ڀاڳت کي دسي مقابلو کٽي شوقينن کان خوب داد حاصل ڪيو جڏنھن ٻي جو جي پھلوان جاويد پٺاڻ واحد بخش ڀٽي کي ٻي ملھ دسي مقابلو کٽي ورتو جڏنھن ت ٽئين جوڙ جي پھلوان غلام علي سيال عابد ڪوري کي دسي مقابلو کٽي ورتو آھي ملاکڙو راند ۾ شعيب چاچڙ ذوالفقار چاچڙ ـاصغر شاھ ـ عرفان چاچڙـ گلاب خان چنو سميت ٻين پھلوانن پڻ حصو ورتو ـ ملاکڙو ۾ ڏسندڙ شوقينن پھلوانن کي خوب داد ڏنو نوٽ انعام طور پڻ ڏنا ويا ـٻي پاسي ميلي ۾ درگاھ جي صحن تي راڳ رنگ جي محفل سجائي وئي جنھن ۾ سنڌ جو مشھور فنڪار ممتاز مولائي پڻھنجي نرالي انداز ۾ ڪلام ڳائي محفل ۾ موجود ماڻھن کي جھومائي مست ڪري ڇڏيو، ميلا ڪاميٽي جي اڳواڻن وحيد سھتو ـ امين چنو ٻڌايو ت آخري ڏينھن پھلوانن کي ميلا ڪاميٽي پاران انعام ڏنا ويندا.