لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو طرفان ڌرڻن ۽ احتجاجي صورتحال توڙي رستن جي بندش جي ڪري يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي 29 اپريل تي رٿيل ساليانه امتحان ملتوي ڪري 5 مئي کان يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا ساليانه امتحان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان تعليمي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر طرفان پبلڪ رليشن آفيسر فيض محمد مهر جي صحيح سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 29 اپريل 2025 کان شروع ٿيندڙ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان سنڌ ۾ ڌرڻن ۽ احتجاجي جي صورتحال، رستن جي بندش جي ڪري شاگردن جي سهولت لاءِ امتحانن جي تاريخ اڳتي وڌائي وئي آهي. هاڻي يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا ساليانه امتحان 5 مئي 2025ع کان ورتا ويندا.