شڪارپور (رپورٽر) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيات بروهي ۾ ڀاڳين جي فائرنگ ۾ مارجي ويل مبينا چور غلام حيدر دوداڻي جو ٻن جرڳائي سرپئنچن گلشير جتوئي ۽ غلام قادر بروهي پاران ڀاڳئي يار محمد بروهي تي 22 لک ڏنڊ لڳائڻ جي خبر ” پنھنجي اخبار” ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران نوٽيس وٺي اي ايس پي شڪارپور عامر شھزاد ۽ ڊي ايس پي خانپور جي چارج سنڀاليندڙ مزمل سومري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران موجب 24 ڪلاڪن اندر فائنل ڪري جرڳائين خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو،  ياد رهي ته مارجي ويل چور سميت ڀاڳئي جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف گھر ۾ داخل ٿي چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو. ذريعن موجب رستم پوليس جي لاپرواهي سبب هٿياربند ڳوٺاڻن کي جرڳي لاءِ تنگ ڪندا هئا، ڳوٺاڻي مجبور ٿي جرڳو ڪيو هو.آخري اطلاعن تائين جرڳو ڪندڙن سميت جوابدارن خلاف اثرائتي ڪارروائي نٿي سگھي آھي.