رستم(ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد رستم- چڪ روڊ تي سومراڻي شاخ ڀرسان سکر کان واپس رستم ايندڙ رستم واسي ٽن پورهيتن حبدار ۽ سندس ڀاءُ سردار احمد سولنگي ٻئي پٽ محب سولنگي ۽ سندن ٽئين ساٿي غلام رسول مھر کي اڻڄاتل ھٿياربند لوڊر رڪشا مان لاھي اغوا ڪري ويا، اھڙي واقعي جي تصديق ٽنھي مغوين جي وارثن پاران ڪئي وئي، ٻئي طرف اغوا واقعي جو رستم پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته اغوا ٿيلن ۾ غلام رسول مھر ھن وقت رستم شھر ۾ رھائش پزير آھي پر اصلي ڳوٺ ٿانھريو مھر واسي آھي، جڏھن ته 2 ٻيا جيڪي مغوي آھن اھي شھر جي عيد گاھ واري علائقي جا رھواسي آھن.