رستم(ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ امير علي جتوئي ۽ مبين خان بلو جي سرپئنچي ھيٺ علي گوھر بلو ۽ شھزادو ڪمالاڻي جي ڌرين ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو، ڳالهيون ٻڌڻ بعد ڌرين تي ھڪ ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جرڳي ۾ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ڪارنهن الزام هيٺ شهزادو ڪمالاڻي ڌر جي قتل ڪيل 2 عورتن نواب زال شھزادو ۽ ايازان زال دائم ڪمالاڻي جو خون ثابت ٿيڻ تي  علي گوهر بلو تي 47 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته فيصلي ۾ پوليس جو خرچ 12 لک رپيا رکيو ويو، جڏهن ته وينگس ڪمالاڻي جا گهر ڊاهڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي علي گوهر بلو ڌر تي 26 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي ۾ نوجوان منٺار بلو جو خون ثابت ٿيڻ تي شهزادو ڪمالاڻي ڌر تي 25 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي بعد دعا گهري وئي، ڌرين تي مجموعي طور هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف مبين بلو جي پرسنل اسسٽنٽ امان الله بلو  ٻڌايو ته اسان ڪو به جرڳو ناھي ڪيو، شھزادو ڪمالاڻي ۽ علي گوھر بلو جي ڌرين ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جو فيصلو ڪيو ويو آھي.