رستم (ن پ ا) سکر کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ مزدا مان نامعلوم ھٿياربند ڊرائيور لياقت علي لاشاري جي سامھون سندس 14 ورھين جي پٽ سھيل احمد لاشاري کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، مغوي نينگر جي وارثن کي ڌرڻي ۽ پوليس جي خاطري باوجود بازيابي نه ٿي سگهي آهي، نه ئي نينگر جي اغوا واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. نينگر جي والد  جو چوڻ ھو ته پٽ کي اکين سامھون اغوا ٿيندو ڏسي دلي صدمو رسيو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي.