رستم(ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد چمن سکپور واري علائقي ۾ قائم ڳوٺ ارباب سراجاڻي جتوئي تي شڪارپور پوليس پاران گھربل جوابدار لعل خان عطراڻي جي گرفتاري جي لاءِ چڙھائي ڪئي وئي،  ڪارروائي دوران پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ ٿي، ھٿياربند فائرنگ ڪندا وجھه وٺي فرار ٿي ويا، جنھن بعد پوليس ڄاڻايل جوابدارن جي ٽن ٿاڪن ۽ گھرن کي باھيون ڏئي تباھ ڪرڻ بعد واپس موٽي آئي، پوليس مطابق ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ھئي.