رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو آباد ميلاڻي ايٽ محمد آباغ ٿاڻي جي حد بچاءُ بند ڀرسان پراڻي تڪرار تان ڪٻرا مھر ۽ قادراڻي جتوئي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ساماڻو خان جتوئي واسي نوجوان ياسين پٽ يار محمد قادراڻي جتوئي قتل ٿي ويو، جڏھن ته ڌرين ۾ سلسل چئن ڪلاڪن تائين انڌاڌنڌ فائرنگ ھلندڙ رھي، علائقي واسين مطابق پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ تي نه پھچي سگھي ھئي،

ڪڻڪ سان ڀريل ٽريڪٽر ڦرڻ تان ڌرين ۾ جھيڙو شروع ٿيو

رستم : ڳوٺ چاڪر ڪھرياڻي کان محمد آباغ ڪڻڪ کڻي ايندڙ ياسين ڪھرياڻي جتوئي کان مبينا طور ڪڻڪ سان ڀريل ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ وقت ٻنھي ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، واقعي کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، علائقي واسين پاران وڏي خوناريزي جو خدشو ظاھر ڪيو آھي.

 

پوليس جي لاپرواهي: حد جو ايس ايچ او لائين حاضر

رستم : محمد آباغ ٿاڻي کان چند قدمن تي واقعو پيش اچڻ ۽ واقعي واري ھنڌ تي بروقت پھچي لاش وصول نه ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ محمد آباغ ٿاڻي جي ايس ايچ او عزيز احمد سومري کي ھٽائي لائين حاضر ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.