رستم ويجھو پراڻي تڪرار تان اوطاق تي حملو: فائرنگ ۾ مهمان سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

0
15
رستم ويجھو پراڻي تڪرار تان اوطاق تي حملو: فائرنگ ۾ مهمان سميت 3 ڄڻا مارجي ويا
رستم ويجھو پراڻي تڪرار تان اوطاق تي حملو: فائرنگ ۾ مهمان سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

رستم/ڪرمپور/خانپور (نمائندن وٽان) رستم ويجھو ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران مهمان سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران نورحسن بڊاڻي، الهورايو بڊاڻي ۽ مهمان عبدالسبحان تيغاڻي مارجي ويا،ٻڌايو پيو وڃي ته جتوئي برادري جي بڊاڻي پاڙي ۾ عبدالحق ۽ جلال بڊاڻي جي ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هو، هڪ ڌر جي هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا، ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو،مارجي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، ڪچي جو علائقو هجڻ سبب پوليس نه پهچي سگهي، نه ئي وري واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو، پوليس موجب مارجي ويل   قتل ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل هئا.

چوپائي مال چوريءَ تان تڪرار شروع ٿيو، 8 ڄڻا قتل ٿي چڪا

ڪرمپور/رستم: ڪچي واري علائقي ۾ عبدالحق بڊاڻي ۽ جلال بڊاڻي جي ڌرين ۾ چوپائي مال جي چوري تان 16 سال اڳ تڪرار شروع ٿيو، جھيڙي ۾ عبدالحق بڊاڻي جي پٽ سميت اڳ ۾ پنج ڄڻا قتل ٿيل هئا، تازي واقعي ۾ ٽن ڄڻن جي مارجڻ بعد هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي چڪا آهن، واقعي بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا آهن.

حدبندي جو تڪرار: پوليس لاش وصول نه ڪري سگهي

رستم : ذريعن موجب ٽئي ڄڻا جلال بڊاڻي جي اوطاق مان نڪري ڪنھن دعوت تي وڃي رھيا ھئا ته کين تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته حدبندي جي تڪرار سبب پوليس لاش وصول نه ڪري سگهي.

مارجي ويل ڏوهاري هئا، قتل ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل آهن: پوليس

ڪرمپور/رستم: ڪوٽ شاهو جي ڪچي ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل نورحسن، الهورايو بڊاڻي ۽ عبدالسبحان تيغاڻي بابت رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ناپرڪوٽ چيو ته جهيڙي ۾ ملوث ٻنهي ڌرين جا ماڻهو پوليس کي ڪيسن ۾ گهربل آهن، مارجي ويلن مٿان ناپرڪوٽ ۽ ڪوٽ شاهو ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدار قتل ۽ ٻين ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هئا.