رستم/خانپور(رپورٽ: طيب جتوئي +عاصم دايو) رستم ويجھو محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عامل مھر ۾ 12 ڊسمبر جي ڏينھن قتل ٿيل نوجوان ادريس مرڻاڻي جتوئي جي قتل واري واقعي کانپوءِ مرڻاڻي جتوئي ۽ مھرن جي ٽن پاڙن بليلاڻي، تھراڻي ۽ ڪٻرن وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي،  ٻڌايو پيو وڃي ته ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيڻ سان گڏ انساني زندگين کي نقصان پھچائڻ لاءِ ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، ان حوالي سان ٻنھي ڌرين جي ماڻھن جعفر ۽ سائينداد بليلاڻي مھر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ادريس مرڻاڻي جتوئي جي قتل سان اسان جو ڪو به تعلق ناھي، کين بيگناھ ۽ وڏي سازش تحت ڦاسايو پيو وڃي، جاچ ڪرائي انصاف جون تقاضائون مڪمل ڪيون وڃن،  ٻئي طرف مقتول ادريس مرڻاڻي جتوئي جي ڀاءُ  فاروق جتوئي جو چوڻ هو ته سندس ڀاءُ کي رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ھلندڙ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي تڪرار جي آڙ ۾ بيگناھ قتل ڪيو ويو، شاھدن مطابق محمد آباغ ٿاڻي تي مقتول ادريس مرڻاڻي جتوئي جي سئوٽ دين محمد مرڻاڻي جي فرياد تي 17 سڃاتل ۽ پنج اڻڄاتلن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو. هن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، ٻي طرف ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب ڳوٺ عامل مھر ۾ قائم اسڪول ۾ پڙھندڙ 50 کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي،  ڌرين ۾ تڪرار جي نبيري جي لاءِ ڪنهن به ڪردار ادا نه ڪيو آهي.