رستم(ن پ ا) رستم ويجھو ڳوٺ پريل کوھاري واسي 25 جنوري تي شڪارپور شھر ۾ ڪبوترن جي ڳالهه تان قتل ٿي ويل پورھيت نيڪ محمد کوھاري جي وارثن وٽ صلح جي لاءِ الزام ھيٺ آيل لياقت پنھيار جي ڌر طرفان ميڙمنٿ قافلو اختر حسين کوھارو، سيد جمال شاھ، ڊاڪٽر فيضان، جاويد پنھيار، محمد صادق شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مقتول نيڪ محمد کوھاري جي وارثن استاد عرض محمد کوھاري، لال بخش کوھاري ۽ غلام سرور کوھاري وٽ پهتو، ميڙ منٿ ۾ شامل اڳواڻن ڳالھين ذريعي نبيرو ڪرڻ جي التجا ڪئي،مقتول پورھيت جي وارثن روپوش 6 ئي جوابدارن جي گرفتاري جو شرط رکي ڇڏيو، جنھن بعد ميڙمنٿ قافلو ڪري آيل ماڻھو مقتول واري ڌر جي رکيل شرطن بابت ويچارڻ جو چئي واپس روانا ٿي ويا.